Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

جو آواز ٻڌو ۽ ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هيو؛ يا اميرُالمُؤمِنِين! توهان ئي ٻڌايو ته اسان جي مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيو؟ حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو؛ ٻڌي ڇڏيو! توهان جو مال تقسيم ٿي ويو، توهان جي گھروارين ٻيو نڪاح ڪري ڇڏيو، توهان جو اولاد يتيمن ۾ شامل ٿي ويو، جنهن گھر کي توهان مضبوط ٺهرايو هو ان ۾ توهان جا دشمن آباد ٿي ويا۔ هاڻي توهان پنهنجو حال ٻڌايو۔ اهو ٻڌي هڪ قبر مان آواز اچڻ لڳو؛ يا اميرُالمُؤمِنِين! اسان جا ڪفن ڦاٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا، اسان جا وار ڇڻي وکرجي ويا، اسان جون کَلون ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون، اسان جون اکيون ٻاهر نڪري ڳلن تي اچي ويون ۽ اسان جي ناسن مان پونءُ وهي رهي آهي ۽ اسان جيڪو ڪجھ اڳتي موڪليو (يعني جهڙا عمل ڪيا) انهن جو بدلو مليو، جيڪو ڪجھ پوئتي ڇڏيو ان ۾ نقصان ٿيو۔[1]

آخِرت کی فکر کرنی ہے ضَرور                                                                 زندَگی اِک دن گزرنی ہے ضَرور

قبر میں  میِّت اُترنی ہے ضَرور                                                                 جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضَرور

ایک دن مرنا ہے آخِر موت ہے                                           کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

    پيارا اسلامي ڀائرو!  هن حڪايت مان حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان ۽ عظمت ۽ ٻڌڻ جي طاقت جي هڪ جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مُردن سان سندن برزخ جا حالات پڇا، جواب ٻڌا ۽ انهن کي دنياوي حالات ٻڌايا، يقيناً هي سندن عظيم الشان ڪرامت آهي. پڻ هن روايت ۾ اسان جي لاءِ عبرت جون ڳالهيون به آهن ته جيڪو شخص دنيا ۾ رهندي پنهنجي عقائد ۽ اعمال کي نه سڌاريندو، دنياوي خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري آخرت کان غافل رهندو اُن جي قبر ان جي لاءِ سختين جو گهر بڻجندي ۽ هي دنيا جا بيجا فڪر ۽ خواهشون ان جي ڪنهن ڪم نه اينديون بلڪ صرف دنيا جو مال گڏ ڪرڻ جي


 

 



[1] تاریخِ دمشق، جلد:27، صفحہ:395