Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

تار کان بچي نه سگهيو ۽ موت جي منهن ۾ هليو ويو، ايئن اسان پنهنجي پاڻ کي ڪوڙا دلاسا ڏئي ڪري مطمئن ٿي ويندا آهيون حالانڪ سچ ته اهو آهي ته هتي جيڪو آيو آهي، ان کي وڃڻو ئي وڃڻو آهي، مرڻو ئي مرڻو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

کُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَۃُ  الْمَوْتِ ؕ (پاره21،سورۂ عنڪبوت:57)

ترجمو ڪنزالايمان: هر ساھ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي.

هي موت آهي، ان جو ذائقو هرڪنهن کي چکڻو ئي چکڻو آهي، موت جو تعلق نه صحت سان آهي، نه ئي محتاط ڊرائيونگ سان آهي. موت نه بيماري سبب ايندو آهي، نه حادثي سان ايندو آهي. هي سڀئي ظاهري سبب آهن نه ته موت ته جسم کان روح نڪري وڃڻ جو نالو آهي ۽ روح الله پاڪ جي حڪم سان نڪرندو آهي، ملڪ الموت(يعني حضرت عزرائيل) عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪڍندا آهن، *ڪيترائي جوان آهن جيڪي پوڙهائپ جي انتظار ۾ هئا پر اڄ قبر جي هيٺان آهن *ڪيترا صحتمند آهن، جن جي تندرستي انهن کي دوکي ۾ وِڌو، اَڄ انهن جا جسم قبر ۾ سڙي چڪا آهن* ڪيترا اهڙا آهن جن کي پنهنجي طاقت تي غرور هيو، اڄ قبر جي مٽيءَ سندن سڄي آڪڙ ڪڍي ڇڏي، جڏهن کان دنيا بڻي آهي، اربين کربين ماڻهو دنيا ۾ آيا، هليا ويا، نه پهريان ڪو هتي بچيو آهي، نه اسان بچي سگهنداسين. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَلَمْ یَرَوْا کَمْ  اَھْلَکْنَا قَبْلَہُمْ مِّنَ الْقُرُوْنِ  اَنَّہُمْ  اِلَیْہِمْ لَا یَرْجِعُوْنَ (ؕ۳۱)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان انهن کان پهريان ڪيتريون قومون هلاڪ ڪري ڇڏيون سو اهي هاڻي هنن ڏانهن موٽڻ وارا ناهن.

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار                                                                                                   تُو اچانک موت کا ہوگا شکار