Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

هي ٻار ئي آهي، توهان سڀئي ملي ڪري هاڻي کان ئي ان جي دل ۾ خوب دنيا جي محبت وجهو...!

بادشاھ جي حڪم تي عمل ڪيو ويو، هڪ وڏو گهر ٺاهيو ويو، ڪيئي ڪلو ميٽر پکڙيل گهر..!!! جنھن ۾ عيش ۽ عشرت جا سڀ سامان فراهم ڪيا ويا، هي شهزادو ان گھر ۾ پلجندو رهيو، اتي ئي ان جو ننڍپڻ گذريو، اتي ئي جوان ٿيو، ان ٻاهر جي دنيا ڏٺي ئي ڪونه هُئي، ان کي معلوم ئي نه هو ته هن وڏي گھر جي ڀِتين جي ٻاهران ڪو جهان آھي، اُتي به ماڻهو رهندا آهن، هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو شهزادو ديوار جي ويجھو هو، ان کي ٻاهران ماڻهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ان کي حيرت ٿي، نوڪرن وغيره کان پڇا ڪيائين: ڇا هن ڀت جي ٻاهران به جهان آهي؟ اُتي به ماڻهو رهن ٿا نوڪرن چيو: جي ها! ٻاهر پوري دنيا آهي، شهزادي ضد ڪيو ته مونکي ٻاهر جي دنيا ڏسڻي آهي، بادشاھ کي ان متعلق ٻڌايو ويو، بادشاھ چيو: شهزادي جي دل وندرائڻ لاءِ عيش عشرت جو وڌيڪ سامان مُهَيا ڪيو وڃي، حڪم تي عمل ٿي ويو شهزادو دنيا جي عيش عشرت ۾ مگن ٿي ويو، ٻاهر جي دنيا ڏسڻ طرف ڌيان ئي نه رهيو، ائين ڪندي ڪندي هڪ سال گذري ويو، نئين سال وري شهزادي ضد ڪيو ته مون کي ته ٻاهرين دنيا ڏسڻي آهي، شهزادي جو ضد هو آخرڪار بادشاھ کي مڃڻو ئي پئجي ويو، حڪم ٿيو: شهزادي کي ٻاهر وٺي اچو! پر ان جي آس پاس عيش عشرت جو سامان پڻ هجي!

هاڻي شهزادو پهريون ڀيرو وڏي گهر مان ٻاهر نڪتو، ڇا ته ناز نخرا هئا، سون، چاندي، هيرن ۽ موتين سان سجايل سواري، ماڻھن جو وڏو هجوم ساڻ هلي رهيو هو، اهڙي شان شوڪت سان شهزادو شهر جا نظارا ڪرڻ نڪتو، رستي ۾ هڪ بيمار ماڻهو نظر آيو، پڇيائين: هي ڪير آهي؟ هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ٻڌايو ويس: ته هي بيمار آهي.

 شهزادي شان شوڪت سان زندگي گذاري هئي، ڪڏهن بيمار ئي نه ٿيو هو،