Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
نه ان کي بيماريءَ جي خبر هئي، تنهنڪري ان حيرت مان پڇيو: ڇا ماڻهو بيمار به ٿيندا آهن؟ سڀئي ٿيندا آهن يا ڪو خاص نسل آهي؟ جن کي بيماري لڳندي آهي؟ چيو ويو: سڀئي بيمار ٿي سگهن ٿا، چيائين: مان به بيمار ٿي سگهان ٿو؟ ٻڌايو ويس ته : جي ها! توهان به بيمار ٿي سگهو ٿا، هي ٻڌي شهزادي حسرت سان چيو: افسوس...! هيءَ ته بيڪار زندگي آهي هاڻي شهزادو غمگين حالت ۾ واپس آيو، بادشاھ کي سڄي صورت حال ٻڌائي وئي، بادشاھ چيو اِن کان پهريان جو اها ڪيفيت وڌي وڃي هي شهزادو به ڀائرن وانگر جهنگل ڏي منھن ڪري ان لاءِ دنياوي لذتن جو سامان تيار ڪيو! حڪم تي عمل ٿيو شهزادو لذتن ۾ مصروف ٿي ويو ۽ فڪرِ آخرت واري ڪيفيت ان جي دل مان نڪري وئي، ائين ڪندي ڪندي هڪ سال ٿي ويو
اڳئين سال شهزادي ٻيھر چيو: مونکي ٻاهرِين دنيا ڏسڻي آهي، اهڙي طرح شهزادو ٻِيهر شاهي شان شوڪت سان ٻاهر نڪتو، هن دفعي ڇا ڏٺائين ته هڪ لاش آهي، ماڻهو ان کي ڪُلهن تي کنيو پيا وڃن، پڇيائين: هي ڇا آهي؟ چيائون: هي هڪ شخص آهي جيڪو مري ويو آهي، شهزادي کي ته اها به خبر نه هئي ته موت ڇا ٿيندو آهي، ان ڪڏھن ماڻھن کي مرندي ڏٺو ئي نه هو، لهٰذا حيران ٿيو، چيائين: مون کي ان شخص ڏانهن وٺي هلو! لاش شهزادي جي سامهون رکيو ويو، چيائين: هِن کي ويهاريو! ماڻهن چيو: هي ويهي نٿو سگهي. چيائين: توهان هاڻي هن کي ڪاڏي کڻي پيا وڃو؟ چيائين: مٽيءَ ۾ دفن ڪرڻ لاءِ پڇيائين: ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ چيائون: حشر آهي، شهزادي پڇيو: اهو حشر ڇا آهي؟ چيائون: حشر اهو ڏينهن آهي، جڏھن سڀ ماڻھو الله رَبُّ الْعَالَمِيۡن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا سڀني کي انھن جي عملن جي سزا يا جزا ڏني ويندي،
شهزادي چيو ڇا هن جهان کان پوءِ به ڪو جهان آهي؟ چيائون: جي ها. هاڻ ته شهزادي تي فِڪرِ آخرت جو خوب غلبو ٿيو، شهزادو سواريءَ تان هيٺ لٿو، پنھنجي مُنهن تي ڌوڙ وِڌائين ۽ چيائين: افسوس...! مون کي ان کان خوف ٿئي رهيو آهي، افسوس! عنقريب مون کي به موت اچي ويندو ها! ها! منهنجو هڪ