Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

جو هتان کان گذر ٿيو، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان باغ ۾ تشريف وٺي ويا، حوض جي پاڻي مان غسل فرمايائون، نماز ادا ڪئي ۽ اتي ئي ويهي قرآن جي تلاوت ۾ مصروف ٿي ويا. ايتري ۾ بادشاهه جي اچڻ جو شور مچيو، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اُن شور ڏانھن بلڪل به توجهه نه فرمائي ۽ اطمينان سان تلاوت ۾ مصروف رهيا. جڏهن ظالم بادشاھه شاهاڻي شان ۽ شوڪت سان باغ ۾ داخل ٿيو ته حوض جي ويجهو سادي لباس ۾ هڪ نيڪ صفت شخص کي ڏسي ڪري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ غضب ناڪ لهجي ۾ سپاهين تي رڙ ڪيائين: هن شخص کي ڪنهن منهنجي باغ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني آهي؟ بادشاهه جي ڪاوڙ ڏسي ڪري سپاهي ڊڄي ويا، ان کان پهرين جو سپاهي ڪو جواب ڏين، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نگاھه مبارڪ کنئين، بادشاهه ڏانهن ڏٺو، بس خواجه حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فيض واري نظر پوڻ جي دير هئي جو بادشاهه هڪ دم ڏڪڻ لڳو ۽ ڪَنْبَنْدي ڪَنْبَنْدي زمين تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. هاڻ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  غريب نوازي فرمائيندي پنهنجي جڳھه تان اٿيا، پاڻي گهرايو ۽ بادشاهه جي منهن تي ڇنڊا هنيان، ٿوري ئي دير ۾ بادشاهه کي هوش اچي ويو، بس هاڻ ڇا ٿيو، هوش ايندي ئي بادشاهه نهايت عاجزي سان پنهنجي ڪوتاهي جي معافي گُهرڻ لڳو، پوءِ پنهنجي سڀني خادمن سميت توبه ڪري خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي غلامي ۾ داخل ٿي ويو. ([1]) 

اپنے قدموں میں بُلا خواجہ پیا! خواجہ پیا!                                                                                                                  اور جلوہ بھی دکھا خواجہ پیا! خواجہ پیا!

ہو کرم بَر حالِ مَا خواجہ پیا! خواجہ پیا!                                                                                                                                       از پئے داتا پیا، خواجہ پیا! خواجہ پیا!

مصطَفٰے کی، انبیا کی، ہر صحابی اور ولی                                                                                                                                کی مَحبَّت ہو عطا خواجہ پیا! خواجہ پیا!


 

 



[1]...ہند کے راجہ، صفحہ:74۔