Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

ڪيترو برو حڪم ڪندا آهيو...!!

اي عاشقانِ رسول! آيتِ ڪريمه جي روشني مان معلوم ٿيو ته اسان جهڙن گنهگارن جي زندگي الڳ آهي، الله پاڪ جي نيڪ، پرهيزگار ٻانهن، ان جي پيارن جي زندگي الڳ آهي، اسان جهڙن گنهگارن جو موت الڳ آهي، اَوْلِيَاءُ الله جو دنيا کان وڃڻ الڳ آهي. هاڻ اهي ماڻهو جيڪي هي خيال ڪندا آهن ته اَوْلِيَاءِ ڪرام به اسان جهڙا ئي آهن، انهن ۾ ۽ اسان ۾ ڪو فرق ناهي، آيتِ ڪريمه جو آخري حصو غور سان پڙهو، الله پاڪ فرمائي ٿو:

سَآءَ مَا یَحْكُمُوْنَ۠(۲۱) (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجموڪَنزُالعِرفَان: اهي ڪهڙو نه برو حڪم لڳائن ٿا.

 يعني هي ڪيترا بي عقل ۽ احمق  آهن، ڪيترو بُرو حڪم لڳائن ٿا: ڪٿي گنهگار ۽ نافرمان ماڻهو، ڪٿي اهي بلند شان وارا اَوْلِيَاءِ ڪرام، الله پاڪ جا پيارا ٻانها، اِهي هر گز هر گز برابر نٿا ٿي سگهن، انهن ۾ ۽ گنهگارن ۾ ايترو ئي فرق آهي جيترو زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.

  انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته اسان اَوْلِيَاءِ ڪرام سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جي بنياد عقل تي نه پر عشق تي رکون ڇوته ولايت سڄي ئي محبت آهي، هي ڪڏهن به عقل سان سمجهي نٿي سگهجي.

عقل کو تنقید سے فرصت نہیں

عشق پر اعمال کی بنیاد رکھ