Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
۽ ان جو جواب ڏيندي چيو: بَلْ قَدَمَاکَ عَلٰی رَاْسِیْ وَعَیْنِیْ بلڪه توهان جا قدم منهنجي مٿي ۽ اکين تي آهن. ([1])
اللہ! الله! هي آهي هڪ وَلِيُّ الله جو ۽ عام مسلمان ٻانهي جي زندگي جو فرق...!! عام مسلمان کي چند ميٽر پري جو آواز به صاف ٻڌڻ ۾ ناهي ايندو ۽ وَلِيُّ الله، الله پاڪ جي عطا سان سوين ڪلوميٽر پري جو به ٻڌي وٺندا آهن.
وَلِيُّ الله ۽ عام مسلمان جي اکين جو فرق
الله پاڪ حديث قدسي ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو: وَبَصَرَهُ الَّذِي يُبْصِرُ بِهٖ (يعني جڏهن مان پنهنجي ٻانهي سان محبت فرمائيندو آهيان ته) ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان، جن سان اهو ڏسندو آهي. ([2])
يعني ظاهري طور ڏسڻ ۾ گنهگار يا عام مسلمان جون به 2 اکيون آهن، وَلِيُّ الله جون به 2 اکيون آهن پر گنهگار يا عام مسلمان ڏسندو آهي: اک جي پُتلي سان ۽ وَلِيُّ الله اک جي پُتلي مان نه بلڪه الله پاڪ جي عطا ڪيل خاص نُور سان ڏسندو آهي.
هڪ ڀيري خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف فرما هئا، گڏ ڪجهه ٻيا بزرگ به