Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

آهن، وَلِيُّ الله جا به 2 پير هوندا آهن پر عام ٻانهو جڏهن هلندو آهي ته مٽي جي ان پيرن سان هلندو آهي، وَلِيُّ الله جڏهن هلندو آهي ته الله پاڪ جي ڏنل خاص نور جي طاقت سان هلندو آهي، اها ئي وجھه آهي جو اسان جهڙو عام شخص ڪجھ ڪلوميٽر هلي ٿڪجي پوندو آهي پر وَلِيُّ الله ڪجھ قدم ۾ هزارين ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري ويندو آهي پر ٿڪجندو ناهي.

هر رات ڪعبي جو طواف

حضرت خواجه غريب نواز  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هي به وڏي ڪرامت آهي ته پاڻ هر روز رات جو اجمير شريف کان مڪه مڪرمه ويندا هئا، ڪعبي شريف جو طواف ڪندا ۽ صبح جو فجر جي وقت وري واپس اجمير شريف پڄي ويندا هئا. سندن ڪو مريد حج يا عمري جي لاءِ حاضر ٿيندو هو ته انهن کي اتي ڏسندو هو. ([1])

هاڻ ڏسو! هي ڪيڏي ڪمال جي ڳالهه آهي، اجمير شريف کان مڪي شريف جو فاصلو ساڍي 4 هزار ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ آهي. حُضُور خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جي ڏنل خاص طاقت سان روزانو رات جو ايترو فاصلو طئي فرمائيندا ها، مڪي شريف پڄندا ها ۽ صبح جو فجر کان پهريان پهريان وري واپس به تشريف وٺي ايندا هئا.

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي گنهگار ۽ ولي ڪامل جي وچ ۾ پهريون فرق آهي جو گنهگار جي زندگي الڳ آهي، وَلِيُّ الله جي زندگي الڳ آهي، الله پاڪ وَلِيُّ الله کي ان جي زندگي ۾ ئي مٿانهون شان عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.


 

 



[1]...اقتباس الانوار، صفحہ:373۔