Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

وَلِيُّ الله ۽ گنهگار جو موت برابر ناهي

ٻيو فرق الله پاڪ اهو ارشاد فرمايو ته

وَ مَمَاتُهُمْؕ- (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجمو ڪَنزُالعِرفَان: (ڇا) انهن جو  موت برابر هوندو؟

يعني گنهگار ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته اسان وَلِيُّ الله جي موت ۽ گنهگار جي موت کي هڪ جهڙو ڪري ڇڏينداسين... ؟ نه...!! نه، هر گز نه بلڪه گنهگار جو موت الڳ آهي، وَلِيُّ الله جو موت الڳ آهي.

هاڻ هتي ڏسو! * جڏهن گنهگار مرندو آهي ته ان کي به پاڻي سان غسل ڏيندا آهن * گنهگار کي به ٽن ڪپڙن ۾ ڪفن پارايو ويندو آهي * گنهگار جي کٽ کي به 4 ماڻهو کڻندا آهن، وَلِيُّ الله جي جنازي کي به 4 ماڻهو کڻندا آهن * گنهگار جي جنازي ۾ به 4 تڪبيرون هونديون آهن، وَلِيُّ الله جي جنازي ۾ به 4 تڪبيرون هونديون آهن * گنهگار کي به مٽيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو آهي، وَلِيُّ الله کي به مٽيءَ جي ئي قبر ۾ لاٿو ويندو آهي * ھاڻ لڳي ايئن ٿو ته گنهگار به مري ڪري مٽيءَ ۾ لهي ويو، وَلِيُّ الله کي به ننڍڙي قبر ۾ دفن ڪيو ويو پر قرآن چوندو آهي: انهن جي موت ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي. گنهگار مرندو آهي ته مري ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويندو آهي، وَلِيُّ الله کي موت ايندو آهي ته اهو بَقَا جو مقام حاصل ڪري ويندو آهي.

کون کہتا ہے وَلی سب مَر گئے

قید سے چھوٹے وہ اپنے گھر گئے