Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

سَوَآءً مَّحْیَاهُمْ وَ مَمَاتُهُمْؕ-سَآءَ مَا یَحْكُمُوْنَ۠(۲۱) (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجموڪَنزُالعِرفَان: (ڇا) انهن جي زندگي ۽ موت برابر هوندو؟ اهي ڪهڙو نه برو حڪم لڳائن ٿا

يعني ڇا گنهگارن اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته گنهگار جي زندگي ۽ نيڪ ماڻهن جي زندگي، گنهگار جو موت ۽ نيڪ ٻانهي جو موت هڪجهڙو بڻايو ويندو. ([1]) افسوس! هي گناھه ڪمائڻ وارا، ولين کي پاڻ جهڙا يا پاڻ کي ولين جهڙو سمجهڻ وارا ڪيترو بي عقل آهن، ڪيترا احمق (بي وقوف) آهن، ڪهڙو حڪم لڳائن ٿا...!!

وليُّ الله ۽ گنهگار جي زندگي برابر ناهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻ هتي آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن ۽ گنهگارن جي وچ ۾ 2 وڏا فرق بيان ڪيا ويا آهن، پهرين نمبر تي فرمايو:

سَوَآءً مَّحْیَاهُمْ (پارہ:25، الجاثیہ:21)

ترجموڪَنزُالعِرفَان: (ڇا) انهن جي زندگي هوندي؟

 يعني ڇا هي گنهگار سمجهي ويٺا آهن ته انهن جي زندگي ۽ نيڪ ماڻهن، الله پاڪ جي ولين جي زندگي هڪ جهڙي آهي...؟ نه...!! نه، هر گز نه، وَلِيُّ الله جي زندگي الڳ آهي، گنهگار جي زندگي الڳ آهي.


 

 



[1]...تفسیر خازن، پارہ:25، الجاثیہ، زیر آیت:21، جلد:4، صفحہ:124۔