Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

ويٺا ها، پاڻ ۾ ديني گفتگو ٿي رهي هئي، ايتري ۾ سامھون هڪ 12 سالن جو ڇوڪرو گذريو، هاڻ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نگاهه جو ڪمال ڏسو! پاڻ 12 سالن جي ڇوڪري جو مُستقبل ڏسي ڪري فرمايو: هي ڇوڪرو ان وقت تائين نه مرندو، جيستائين دهلي جو بادشاهه نه بڻجي وڃي. ([1])

جيئن خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو هو، بلڪل ايئن ئي ٿيو، اهو ئي ڇوڪرو جنهن جو نالو شمس الدين هيو، 1210 عيسوي ۾ سلطان شمس الدين بڻجي ڪري دهلي جو بادشاھه بڻجي ويو. ([2])

 الله اڪبر! هي آهي وَلِيُّ الله جي اک ۽ عام ماڻهو جي اک جو فرق...!! اسان جهڙا گنهگار ته ڀِت جي پويان به نٿا ڏسي سگهن ۽ اولياءِ ڪرام جيڪي اک جي پُتلي سان نه بلڪه الله پاڪ جي ڏنل خاص نُور سان ڏسندا آهن، اهي سالَهاسال بعد  جا واقعا به ڏسي وٺندا آهن.

ظالم بادشاهه توبه ڪري ڇڏي...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جي مُبارڪ اکين جو هي به هڪ ڪمال هوندو آهي ته هي جنهن کي فيض جي نگاهه سان ڏسي وٺن، ان جي زندگي کي بدلائي ڇڏيندا آهن، حضرت علامه اَرشدُ القادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا عاشق رسول، ماهر عالمِ دين آهن، پاڻ لکن ٿا: هڪ بادشاهه وڏو ظالم ۽ بدمزاج هو، سڄي شهر ۾ ان جو هڪ خوبصورت باغ هو، جنهن ۾ صاف شفاف پاڻي جو حوض هو. هڪ ڀيري  خواجه غريب نواز، خُواجه مُعينُ الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 


 

 



[1]...سلطان الہند، صفحہ:279-280 خلاصۃً۔

[2]...سلطان الہند، صفحہ:279-280 خلاصۃً۔