Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

قبر مبارڪ مان آواز ڏنو توھان بخشلن مان آهيو...!!

حضرت بابا فريد گنج شڪر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جي مزار شريف پاڪ پتن ۾ آهي، پاڻ به وڏا ولي ڪامل آهن، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان اجمير شريف حاضر ٿيس ۽ حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري يعني خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي روضي مبارڪ تي رهيس، هي عَرفه جي رات هئي، مون مزار پُرانوار جي ويجهو (قبلي ڏانهن منهن ڪري) نماز ادا ڪئي، پوءِ نماز کان واندو ٿي ڪري اُتي ئي ويهي ڪري تلاوت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اتي ويٺي ويٺي آئون پندرنهن سيپارن جي تلاوت ڪري چُڪو هيس، سورت مريم يا سورت ڪهف جي تلاوت ڪري رهيو هيس ته مون کان پڙهڻ ۾ غلطي ٿي ۽ هڪ ڇڏجي ويو. مون کي ڇو ته ان غلطيءَ جو احساس نه ٿيو هو، مان اڳتي پڙهڻ لڳس ته مزار پرانوار مان آواز آيو: هي حرف ڇڏي ويا آهيو، ٻيهر پڙهو! مون ان جڳھه تان ٻيهر پڙهيو، هاڻ آواز آيو: عمدو (سٺو) پڙهو ٿا، خَلْفُ الرَّشِيْد (يعني چڱا پُٽَ) ايئن ئي ڪندا آهن. بابا فريد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان کان پوءِ مان تلاوت ڪندو رهيس، جڏهن مان تلاوت پوري ڪري چُڪس ته مون روئي روئي دعا گهري، مون کي اهو خوف کائي رهيو هو ته افسوس! مان بخشيلن مان آهيان يا نه، انهيءَ خوف ۾ مان روئي رهيو هئس ته اچانڪ مزار شريف مان آواز آيو: مولانا! جيڪو شخص هيئن نماز پڙهندو آهي، اهو بخشيلن مان آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اولياء الله جو شان...!! انهن جو دنيا مان وڃڻ الڳ آهي، اسان جهڙن گنهگارن جو مرڻ ٻيو آهي. ٻنهي جي زندگي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ۽ انهن جي موت ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي.


 

 



[1] ہند کے مرشِدِ اعظم، صفحہ:133۔