Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
حڪيم ضياءُ الدِّين بلخي هڪ فلسفي (عِلم فلسفي جو ماهر) هو، جيڪو بلخ جو رهڻ وارو هو. هي ڇو ته فلسفو گهڻو پڙهندو هو (۽ فلسفو پڙهڻ وارا دين کان وڌيڪ عقل کي مڃيندا آهن يعني جيڪا ڳالهه پنهنجي عقل ۾ ايندي آهي، اها مڃي ورتي، جيڪا عقل ۾ نه آئي، ان جو انڪار ڪري ڇڏيندا آهن)، حڪيم ضياءُ الدين به اهڙي ئي طبيعت رکندو هو، اَولِياءِ ڪرام انهن جون ڪرامتون ۽ بلند شانَ ان جي ننڍڙي عقل ۾ نه ايندا هئا، لهٰذا هي پاڻ به اولياءِ ڪرام کان بدظن هو ۽ پنهنجي شاگردن کي به انهن کان بد ظن ڪندو رهندو هو. هڪ ڀيري حُضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو بلخ کان گذر ٿيو، پاڻ جهنگل مان گذرندي هڪ جانور جو شڪار ڪيو ۽ هڪ وڻ جي هيٺيان تشريف فرما ٿيا، خادم کي حڪم ڏنائون ته باهه ٻاري هن کي ڀُڃڻ شروع ڪر ۽ پاڻ نماز ۾ مصروف ٿي ويا. اتفاق سان ضياءُ الدين فلسفي به اتي اچي پهتو، حُضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز کان فارغ ٿيا، خادم ڀُڃيل جانور پيش ڪيو، خواجه حُضوررَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ضياءُ الدين فلسفي کي به دعوت ڏني، ان جيئن ئي ڀُڳل جانور جو گوشت پنهنجي منهن ۾ رکيو ته دِل جي دنيا ئي بدلجي وئي، فلسفي ۽ عقل پرستي جو جيڪو انڌيرو دل تي ڇانيَل هو، اهو لهڻ لڳو ان جي جڳهه تي معرفت جو نور ڦٽڻ لڳو، ضياءُالدين فلسفي ان نور جي تاب برداشت نه ڪري سگهيو ۽ بي هوش ٿي ڪري پيو، هاڻ خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي منهن جو هڪ گِرَهه اُن جي منهن ۾ وڌو ته هوش اچي ويس. هاڻ ڇا ٿيو، جو اهو ئي فلسفي جيڪو ڪجهه دير پهريان عقل پرست هيو، اولياءِ ڪرام جي شان ۽ عظمت جو انڪاري هيو، صوفياءِ ڪرام کي بُرو ڀلو چوندو هو، هاڻ ان جي دل معرفت جي نور سان روشن ٿي چڪي هئي، اُن حضور