Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
حديث قدسي ۽ اَولياء الله جو شان
حديث قدسي آهي ۽ هي حديث به بخاري ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪندو آهيان ته كُنْتُ سَمْعَهُ الَّذِي يَسْمَعُ بِهٖ يعني مان ان جا ڪن بڻجي ويندو آهيان، جن سان هو ٻڌندو آهي. ([1])
مطلب اهو آهي ته ظاهر ۾ نظر اچڻ ۾ وَلِيُّ الله جا به ڪن 2 آھن، گنهگار جا ۽ عام ماڻهو جا به ڪن 2 آهن پر انهن ۾ فرق زمين آسمان جيترو آهي، گنهگار يا اسان جهڙو عام مسلمان جڏهن ٻڌندو آهي ته هن مٽي مان ٺهيل ڪنن سان ٻڌندو آهي پر وَلِيُّ الله جڏهن ٻڌندو آهي ته هن مٽي جي ڪنن سان نه بلڪه هن ڪنن ۾ رکيل نُورِ الاهي جي ذريعي ٻڌندو آهي.
اسان جي آقا، ولين جي ولي، حضور غوث پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي سڀني ولين جا سردار آهن، پاڻ بغداد شريف ۾ منبر تي ويهي ڪري اعلان ڪيو: قَدَمِیْ ھٰذِہٖ عَلٰی رَقَبَةِ کُلِّ وَلِیِّ الله منهنجو هي قدم هر وَلِيُّ الله جي گردن تي آهي.
ڪتابن ۾ لکيل آهي ته غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي اعلان فرمايو، ان وقت حُضُور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خراسان جي هڪ ٽڪريءَ تي عبادت ڪري رهيا هئا، هوائي سفر ۾ بغداد کان خُراسان جو فاصلو تقريباً 1421 ڪلوميٽر آهي. خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ايترو پري کان غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو اعلان ٻڌي به ورتو