Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

وضاحت: اڄڪلهه سيءَ جو موسم آهي، الحمدلله! شريعت اسان کي آساني ڏني آهي ته موزَن تي مسح ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو آهي. ڪهڙي قسم جي موزَن تي مسح ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو آهي. ڪهڙي طرح جي موزن تي مسح ڪري سگهجي ٿو؟ ان جا شرط ٻڌي وٺو! (1) موزا اهڙا هجن جو ڀيڏيون لڪي وڃن (2) موزا اهڙا هجن جو انهن کي پائي ڪري آساني سان هلي ڦري سگهجي  (3) موزا چمڙي جا هجن ڪنهن اهڙي ٿُلهي شيءِ جو هجي (جو ان ۾ پاڻي نه وڃي سگهي ۽ نه اڪيلي پائي ڪري 3 ميل تائين هلڻ سان نه ڦاٽن). اهي ٽئي شرط جنهن موزي ۾ هجن، ان تي مسح ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ عام طور سوٽي يا اُوني (جورابا يا) موزا پاتا ويندا آهن، انهن تي مسح جائز ناهي. انهن کي لاهي ڪري پير ڌوئڻ فرض آهي. ([1]) موزن تي مسح ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي؟ اهو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايندڙ جمعي تي ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ  ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                   صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَاحَیُّ

جيڪو به بيمار هجي اهو الله پاڪ جو نالو مبارڪ یَاحَیُّ 1 هزار ڀيرو پڙهي


 

 



[1]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:364 ، حصہ:2 خُلاصۃً۔