Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan

خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي هٿ تي توبه ڪئي، فلسفي جي انڌيري کان جان ڇڏائي ۽ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مريد ٿي ويو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جا نرالا شان آهن، جيڪو عقل پرست رهندو آهي، اهو شيطاني وسوسن ۾ اچي ڪري ان جو انڪار ڪندو آهي، اولياءِ ڪرام کي پاڻ تي قياس ڪندو آهي، اهڙو شخص وڏو احمق آهي، وڏو بُرو حڪم لڳائيندو آهي. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ کي ڪڏهن به پاڻ تي قياس نه ڪيون، انهن کي پاڻ جهڙو نه سمجهون بلڪ انهن جا شانَ جيڪي قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيا آهن، انهن جون ڪرامتون جيڪي صدين کان علماءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ بيان ڪندا ۽ ڪتابن ۾ لکندا اچن ٿا، انهن تي يقين رکون، اولياءِ ڪرام جي محبت دل ۾ پيدا ڪيو، ان کي وڌايو ۽ ڪڏهن به انهن شان وارين هستين جي باري ۾ شڪ ۽ شبهن جو شڪار نه ٿيون.

بيان جو خُلاصو

بيان جو خلاصو اهو  آهي ته گنهگار ۽ عام کان عام ماڻهن جي زندگي الڳ آهي، اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ جي زندگي الڳ آهي، گنهگار جو موت الڳ آهي، اولياءُ الله جو دُنيا کان وڃڻ الڳ آهي، انهن ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي، ان ۾ اسان جي لاءِ 2 سبق آهن؛ *پهريون سبق ته اهو آهي ته اسان اولياءِ ڪرام کي ڪڏهن به پاڻ تي قياس نه ڪيون بلڪه الله پاڪ انهن کي جيڪي شانَ عطا فرمايا آهن، انهن جو جيڪو شان قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيو آهي، ان تي پڪو يقين رکون * ٻيو سبق هي آهي ته هن آيت ڪريمه جي روشني ۾ اسان جي سامهون 2 رستا


 

 



[1]...سلطان الہند، صفحہ:142 خلاصۃً۔