Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
خدمت ۾ عرض ڪيو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مشڪيزو (پاڻي رکڻ جو ٿانؤ) خادم کي ڏئي ڪري حڪم ڏنو ته هن کي تلاء مان ڀري کڻي اچ! خادم وڃي ڪري جيئن ئي مشڪَ کي تلاء ۾ وڌو سڄو جو سڄو تلاء ان مشڪَ ۾ اچي ويو! ماڻهو پاڻي نه ملڻ تي بيقرار ٿي ويا ۽ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿي فرياد ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خادم کي حڪم ڏنو وڃ ۽ مشڪ جو پاڻي واپس تلاءَ ۾ هاري ڇڏ. خادم حڪم تي عمل ڪيو ۽ اَنا ساگر ٻيهر پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ولين جي هٿن جو ڪمال...!! خواجه حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مريدن جي هٿن جو اهو ڪمال هيو جو اُن مريد تلاء مان پاڻي ڀريو ته سڄو تلاءُ ئي هڪ ننڍڙي ٿانءَ ۾ اچي ويو...!! ڇا ڪو وڏو مالدار، وڏي عهدي وارو، وڏي ڪرسي وارو، وڏين ڊگرين وارو، وڏي عقل وارو، جيڪو ولايت جي درجي تي نه هجي، ڇا اهو به اهڙي ڪرامت ڏيکاري سگهي ٿو...؟ نٿو ڏيکاري سگهي. اهو فرق آهي هڪ عام ماڻهو جي زندگي ۾ ۽ هڪ وَلِيُّ الله جي زندگيءَ ۾...!!
وَلِيُّ الله ۽ گنهگار جي پيرن ۾ فرق
الله پاڪ حديث قدسي ۾ وڌيڪ فرمايو: وَرِجْلَهُ الَّتِي يَمْشِي بِهَا(يعني جڏهن مان پنهنجي ٻانهي سان محبت ڪندو آهيان ته) هن جا پير ٿي ويندو آهيان جن سان هو هلندو آهي. ([2]) يعني ڏسڻ ۾ توهان کي عام ٻانهي جا به 2 پير نظر اچي رهيا