Book Name:Khwaja Huzoor Ki Nirale Shan
نيڪ اعمال (Naik Amal)
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ عملن ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: (Naik Amal) نيڪ اعمال هن ايپلي ڪيشن ۾ اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالب علمن جي لاءِ الڳ، الڳ رسالا موجو آهن. *ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي * بنگله * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * ان ۾ مختلف نيڪ عملن تي جڙيل سوالَ ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺيان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه وقت مقرر ڪري پنهنجي عملن جو جائزو وٺو، ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اجرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو. هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ (Download) ڪري وٺو! پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪيان ٿو:
درست ڇا آهي؟
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پائي ويندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: جورابن تي مسح نٿو ڪري سگهجي، موزن تي مسح ڪرڻ جائِز آهي.