Book Name:Ibadat Aur Istianat
باجماعت نماز پڙهڻ وارن کي محبوب رکندو آهي* الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ! باجماعت نماز پڙهڻ وارن تي درود موڪليندا آهن. الله پاڪ اسان کي باجماعت نماز جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاۃِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت ہو توفیق ایسی عطا یااِلٰہی! [1]
(2): رياڪاري کان بچو!
ٻيو مدني گُل جيڪو آيتِ ڪريمه مان اسان کي سکڻ جي لاءِ مليو: عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا:
اِیَّاکَ نَعْبُدُ
جي معنٰي آهي: (اي الله پاڪ) اسان صرف ۽ صرف تنهنجي ئي عبادت ڪندا آهيون. لهٰذا ٻانهي کي گهرجي ته عبادت ۾ صرف الله پاڪ جي ئي رضا جي نيّت ڪري، عبادت ۾ رياڪاري بلڪل به نه اچڻ ڏي جو رياڪاري کي شرڪِ اَصۡغر (يعني ننڍو شرڪ) چيو ويندو آهي. اسان ٿورو تصور ته ڪيون! ٻانهو نماز پڙهي رهيو هجي ۽ دل ۾ ماڻهن کي ڏيکارڻ، کين خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي واھ واھ جي طلب به هجي ۽ ٻانهو چئي رهيو هجي:
اِیَّاکَ نَعْبُدُ (سيپارو: 1، سورة فاتحه: 4)
ترجموڪنزالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا.
ڪيتري بُري ڳالھ آهي، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون هڪ بُزرگ کي ڏٺو، جڏهن هو نماز ۾ بيهندو هو ته تمام گهڻو روئيندو هو، مون روئڻ جو سبب پڇيو ته فرمائڻ لڳو: مون کي خبر ناهي ته مان نماز پڙهڻ