Book Name:Ibadat Aur Istianat
پاڪ جي صفات جو بيان ٿيو: * الله پاڪ تمام تعريفن جو حقيقي مُستحق آهي * هو هر عيب ۽ نقص کان پاڪ آهي * ڪائنات جو ذرو ذرو ان جي حمد ۽ ثناء ڪري رهيو آهي * اهو ئي جنهن هي زمين، هي آسمان، سج، چنڊ تارا بڻايا، هو تمام جهانن کي پالڻ وارو آهي * هو رحمٰن به آهي * رحيم به آهي * ۽ اهو ئي روزِ جزا جو مالِڪ به آهي.
هي آهي معرفت، سورت فاتحه جون هي ابتدائي آيتون غور سان پڙهڻ سان دل ۾ الله پاڪ جي عظمت ۽ شان ويهندو آهي، محبتِ الٰهي واري ڪيفيت دل ۾ ايندي آهي، ڇا هاڻي هتي ئي بيهي رهڻو آهي؟ نه...!! هاڻي ٻانهو هڪ قدم وڌيڪ اڳتي وڌي ۽ ان معرفت جي تقاضائن تي عمل ڪندي الله پاڪ جي حُضور حاضر ٿي ڪري عرض ڪري:
اِیَّاکَ نَعْبُدُ
يعني مولا! تون ئي عبادت جي لائق آهين، تون ئي سچو خدا آهين، اسان صرف تنهنجي ئي عبادت ڪيون ٿا.
دنياوي عِلم پڙهڻ وارن جي لاءِ هڪ مدني گُل
اسان وٽ ماڻهو دنياوي عِلم پڙهندا آهن، ڪو فلڪيات پڙهندو آهي، ڪو فزڪس پڙهندو آهي، ڪو بائيولوجي پڙهندو آهي، ڪو ڊاڪٽر بڻجندو آهي، جيڪو دنياوي عِلم پڙهڻ شرعي طور جائز آهي، اهو پڙهڻ ۾ ڪو حرج ناهي پر مسئلو هي آهي ته اهڙا علمَ پڙهڻ وارا عام طور تي اٽڪجي ويندا آهن، انهي ئي دنياوي علوم جا ٿي ڪري رهجي ويندا آهن، ائين نه هجڻ گهرجي. مثال طور جيڪو عِلمِ فلڪيات پڙهندو آهي، جڏهن سج، چنڊ تارن وغيره جي متعلق سائنسي تحقيقات پڙهي ته الله پاڪ جي قدرتن تي غور ڪري، ڊاڪٽر جڏهن انساني وجود جا عجائبات ڏسي، انساني جسم ڪيئن ڪم ڪندو آهي،