Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

جي لاءِ کائڻ، پيئڻ وغيره جو انتطام ڪندا آهيون، ڇو ڪندا آهيون؟ ان ڪري جو اهي اسان جا ٻارَ آهن، اسان جو رت آهن، هي عبادت آهي * ٻارن سان پيار ڪيون، انهن جي چڱي پرورش ڪيون پر ان نيّت سان ته * شريعت انهن سان محبت جو درس ڏنو آهي * انهن جي چڱي پرورش جو حڪم ڏنو آهي، هن نيّت سان ڪنداسين ته اهو ئي ڪم عبادت بڻجي ويندو.

 معلوم ٿيو: جيڪڏهن اسان سُٺي نيّتن جي عادت بڻايون ته زندگي جو وڏو حصو عبادت ۾ گذاري سگهون ٿا * کاڌو کائڻو آهي، سُٺي نيّت ڪيو! * پاڻي پيئڻو آهي، سُٺي نيّت ڪيو! * ڪپڙن پائڻ کان پهريان * آفيس وڃڻ کان پهريان، ائين سُٺيون سُٺيون نيّتون ڪندا وڃو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪين جو ذخيرو هٿ ايندو. هاڻي هي نيّتون ڪرڻيون ڪيئن آهن؟ اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نهايت پيارو رسالو آهي: ثواب وڌائڻ جا نسخا هن رسالي ۾ مختلف ڪمن جون سُٺيون سُٺيون نيّتون لکيون آهن، هي رسالو حاصل ڪيو، ان کي پڙهو، ان ۾ لکيل سُٺيون سُٺيون نيّتون ياد ڪري وٺو ۽ وقفي وقفي سان نيّتون ڪندا رهو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو.

مِرا ہر عمل بس ترے واسِطے ہو                                                                                 کر اِخلاص ایسا عطا یا الٰہی!

عبادت هڪ امانت آهي

 اي عاشقانِ رسول! اسان دنيا ۾ آيا ئي عبادت جي لاءِ آهيون، الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ  اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ (۵۶) (سيپارو: 27، سورة ذٰريٰت: 56)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ مون جن ۽ انسان ان لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي عبادت ڪن.