Book Name:Ibadat Aur Istianat
سان ڪيو وڃي. جيئن نماز افضل عبادت آهي. مثال طور هڪ ٻانهو مسجد ۾ آيو، وضو ڪيائين، پوءِ خشوع ۽ خضوع سان، اطمينان سان سُٺي انداز ۾ نماز پڙهي، تمام شرائط به پورا ڪيائين، تمام فرائض به پورا ادا ڪيائين، رڪوع، سجود، قراءَت سڀ ڪجھ سُٺي انداز ۾ ڪيائين پر ان جي نيّت الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي نه هجي بلڪه ماڻهن کي ڏيکارڻ جي نيّت سان نماز پڙهي رهيو هجي ته ٻڌايو! هيءَ عبادت رهندي؟ هرگز نه...!! هيءَ رياڪاري ٿي ويندي ۽ رياڪاري گناھ آهي.
خبر پئي: ڪنهن به ڪم جو عبادت هجڻ جي لاءِ ٻه (2) شرطَ آهن:(1): شريعت ان ڪم کان منع نه ڪيو هجي (2): اهو ڪم جنهن کي الله پاڪ جي رضا جي نيّت سان ڪيو وڃي.
عِبادت عادت کي ڇڏڻ جو نالو آهي
پيرانِ پير حُضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن ڳالھ کي نهايت آسان انداز ۾ بيان ڪيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: اَلْعِبَادَۃُ تَرْکُ الْعَادَۃِ عبادت عادت کي ڇڏڻ جو نالو آهي.[1]
مثلاً * اسان ڪاروبار ڪندا آهيون، دڪان، آفيس وعيره ويندا آهيون، ڇو ويندا آهيون؟ ڪمائڻ جي لاءِ، ٻارن ٻچن جي پروش جي لاءِ، هي عادت آهي. * دڪان تي وڃو، آفيس ۾ وڃو، ڪم ڪار ڪيو پر ان جي لاءِ نه جو ڪمائيندس نه ته کائيندس ڪٿان بلڪه * الله جي رضا جي لاءِ ڪيون * پاڻ کي، پنهنجي ٻارن کي اجايو سوال ڪرڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪيون * حلال رزق ڪمائي ڪري عبادت تي مدد جي نيّت سان ڪيون. هي عبادت آهي * ائين ئي اسان پنهنجي ٻارن سان پيار ڪندا آهيون، انهن جون خواهشون پوريون ڪندا آهيون، انهن