Book Name:Ibadat Aur Istianat
ان جي باري ۾ تحقيقات پڙهي ته الله پاڪ جي ڪاريگري تي غور ڪري، ان سان دل ۾ محبتِ الٰهي وڌائي ۽ مٿو سجدي ۾ رکي ڪري چئي: سُبْحٰنَ رَبِّیَ الْاَعْلٰی پاڪ آهي منهنجو بلند ۽ بالا ربّ. اهو ڪهڙي عظيم قدرتن وارو آهي، مک کان وٺي ڪري هاٿيءَ تائين، زمين کان آسمان تائين هر شيءِ کي ڪيئن ڪمال ڪاريگري سان بڻايو، هاڻي هر شيءِ کي پالي به رهيو آهي، اي مالِڪ ۽ مولا! تون حقيقي ربّ آهين، تون ئي سچو ربّ آهين، تون ئي مالِڪ آهين تون ئي عبادت جي لائق آهين، مان مٽيءَ مان ٺهيل معمولي انسان تنهنجي حضور ئي سجدو ڪندو آهيان، تنهنجي ئي عبادت ڪندو آهيان، توکان ئي مدد گهرندو آهيان. مطلب ته ماڻهو الله پاڪ جي قدرتن ۽ مخلوقات ۾ غور ڪري ۽ ان جي ذريعي سان دل ۾ محبتِ الٰهي به وڌائي، پوءِ ان جي تقاضائن تي عمل ڪندي الله ڪريم جو عبادت گذار بڻجي. کوڙَ ماڻهو سائنس وغيره جي ذريعي مخلوقات ۾ غور ڪندا آهن پر اهو غور ۽ فڪر انهن کي دين کان پري وٺي ويندو آهي، ان کان بچڻ گهرجي، قدرت جي ڪرشمن کي ڏسي ڪري دل ۾ محبتِ الٰهي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان مضبوط ٿيندو.
ائين اسان جي دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن سُٺيون ڪيفيتون پيدا ٿينديون آهن، توبھ جو خيال اچي ويندو آهي، نيڪي جو خيال اچي ويندو آهي، الله پاڪ جي رحمتن جو خيال اچي ويندو آهي، اهڙين ڪيفيتن کي به سنڀالڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ سيرت جو هڪ پهلو
رجبُ المُرجب جو مهينو آهي، ڇَٽي شريف (يعني رجب جي 6 تاريخ) تي خواجه حُضور جو عرس شريف ٿيندو آهي، خواجه صاحب جي مبارڪ زندگيءَ کي ڏسو!