Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

مدد به الله پاڪ جي ئي مدد آهي جيڪا رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي واسطي سان ئي ملي رهي آهي.               

مدد  گهرڻ جو مُجَرَّب نسخو

   حضرت اَبان بن صالح رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، مُشڪِل ڪُشا نبي، حاجَت رَوا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪڏهن توهان جو جانور  ريگستاني (ٻيٽَ واري) زمين ۾ ڀڄي وڃي ۽ توهان کي اتي ڪو نظر نه ايندو هجي (جيڪو توهان جي مدد جي لاءِ اچي) ته هيئن پڪاريو! اَعِیْنُونِی عِبَادَ اللہ! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! بيشڪ ان (پڪارڻ واري) جي مدد ڪئي ويندي. [1]

   عظيم مُحَدِّث، علّامه نَوَوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: خود مون کي هن حديث شريف جو تجربو ٿيو آهي، اسان ڪجھ دوست هڪ ڀيري ڪٿي سفر تي هياسين، اسان جو جانور اسان کان ڇڏائي ڪري ڀڄي ويو، اسان ان کي پڪڙڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهياسين، ان وقت مون هيئن پڪاريو: اَعِیْنُونِی عِبَادَ اللہ! اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! بس ايترو چوڻ هو جو اهو جانور بيهي رهيو ۽ اسان ان کي پڪڙڻ ۾ڪامياب ٿي وياسين.[2]

 خير! اسان الله پاڪ جي ئي عبادت ڪندا آهيون، صرف انهيءَ کان مدد گهرندا آهيون ۽ انهيءَ انداز سان مدد گهرندا آهيون جيڪو اسان کي قرآن، حديث ٻڌايو  آهي. الله پاڪ اسان کي قرآن ۽ حديث کي صحيح انداز ۾ سمجهڻ ۽ ان تي پوري طرح عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاۃِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ،کتاب :الدعاء،ما یقول الرجل اذا ندب بہ  ،جلد:7 ،صفحہ:132 ،حدیث:1۔

[2] اذکار للنووی،کتاب:اذکار المسافر،باب:ما یقول انفلتت دابتہ ، صفحہ:415۔