Book Name:Ibadat Aur Istianat
دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت رہوں بَاوُضو میں سدا یاالٰہی![1]
(2): الله مددگار آهي، اسان محتاج
پيارا اسلامي ڀائرو! ٻي ڳالھ جيڪا آيتِ ڪريمه ۾ بيان ٿي:
وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴)(سيپارو: 1، سورة فاتحه: 4)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا.
آيت جي هن حصي ۾ اسان کي تعليم ڏني وئي آهي ته اسان پنهنجي اندر مان ”مان“ (يعني آڪڙ) خَتم ڪيون، اسان هن دنيا ۾ مالِڪ نه، محتاج آهيون، پنهنجي هن محتاجي کي دل ۽ جان سان تسليم ڪري وٺڻ بندگي جي حقيقت آهي، جڏهن ٻانهو دل جي گهرائي سان هي تسليم ڪري وٺندو آهي ته مان محتاج ۽ بيوس ٻانهو آهيان، تڏهن ان تي لطف ۽ ڪرم جا دروازا کوليا ويندا آهن.
فِرعون جو سبق آموز واقعو
فِرعون: اهو سرڪش ڪافر هو جنهن خُدائي جي دعوا ڪئي هئي. هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو درياءِ نيل جو پاڻي تمام گهٽ ٿي ويو، فصلن کي پاڻي نه مليو، ڏڪار اچي ويو، ماڻهو بُک اُڃ کان پريشان ٿي ويا، آخر سڀئي ملي ڪري فرعون وٽ آيا ۽ چيائون: اي فرعون! اسان جا ٻارَ ٻچا، مال متاع سڀ هلاڪ ٿي ويا، جيڪڏهن تون واقعي خُدا آهين ته درياءِ نيل جاري ڪر. فرعون کي خبر هئي ته مان خُدا نه آهيان، هي به ڄاڻيندو هو ته مان درياء کي هلائي نه ٿو سگهان پر هاڻي ڪجھ ته ڪرڻو هو، نه ته جيڪو ڍونگ ڪيو هئائين، ان جو پردو فاش ٿي وڃي ها، جيئن ته فرعون ان جو حل سوچيو، ان اوني لباس، وارن مان ٺهيل