Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

* يعني مولا! مون وٽ هٿ ته آهن، تو ئي عطا فرمايا آهن پر تنهنجي مدد هوندي تڏهن ئي مان هٿ هَلائي سگهندُس * مولا! مون وٽ پيرَ آهن، تو ئي ڏنا آهن مان انهن سان نه ٿو هلي سگهان، تنهنجي مدد هوندي ته هلي سگهندُس * مولا! مون وٽ عقل به آهي * دل ۾ جذبات به آهن * بازو ۾ طاقت به آهي * مال ۽ دولت به آهي * عهدو به آهي * منصب به آهي * سڀ ڪجھ آهي، توئي ڏنو آهي پر مان هر گهڙي تنهنجي مدد جو محتاج آهيان، تنهنجي مدد شامِل حال نه هجي ته مان هڪ تِيلو به نه ٿو ڀڃي سگهان، تنهنڪري اي مالِڪِ ڪريم! تون مالڪ آهين، تون ئي ربُّ العالمين آهين، مان تو کان ئي مدد گهران ٿو.

میں ہوں بندہ وہ مولیٰ!                                                                                                                          کون ہے اپنا اس کے سِوا

میں ہوں اس کا وہ ہے مِرا                                                                                                       جس نے بنایا اور پالا

لَآاِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللّٰہ   

  الله پاڪ اسان کي پنهنجي اوقات سڃاڻڻ ۽ صحيح معنٰي ۾ عاجزي ۽ انڪساري اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

الله پاڪ جي مدد جا مختلف دروازا

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بارگاھِ الٰهي ۾ عرض ڪيون ٿا:

وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴)(سيپارو: 1، سورة فاتحه: 4)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.

  اِسۡتِعَانَت جي معنٰي آهي: مدد گهرڻ. يقيناً حقيقي مددگار الله پاڪ ئي آهي، اسان کي مدد گهرڻي به انهيءَ کان آهي پر هتي هڪ ڳالھ جيڪا نهايت توجھ سان سمجهڻ جي آهي، مان هڪ مثال جي ذريعي عرض ڪيان: رازق ڪير