Book Name:Ibadat Aur Istianat
پيارا اسلامي ڀائرو! رَجبُ المُرجب جو پيارو مهينو جلواگر ٿي چڪو آهي. هي نهايت بابرڪت مهينو آهي. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رَجَبٌ شَہْرُ اللہِ تَعَالٰی وَ شَعْبَانُ شَہْرِیْ وَ رَمَضَانُ شَہْرُ اُمَّتِیْ۔ يعني رجب الله پاڪ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي اُمّت جو مهينو آهي. ([1]) روايتن ۾ آهي، جڏهن رَجبُ المُرجب جي آمد ٿيندي هئي ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دعا فرمائيندا هئا. ([2]) (اچو! اسان به اداءِ سنّت جي نيّت سان هي دعا پڙهي وٺون ٿا):
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِیْ رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
يعني اي الله پاڪ! تون اسان جي لاءِ رَجب ۽ شعبان ۾ برڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ. ([3])
خُدا کی ہے عنایت ماہِ رمضان آنے والا ہے ہوئی مولیٰ کی رحمت ، ماہِ رمضان آنے والا ہے
مہِ رمضاں ، مہِ غفراں ، مہِ سُبْحاں ، مہِ رحماں کھلیں گے بابِ جنّت ، ماہِ رمضان آنے والا ہے
الله پاڪ اسان کي هن محترم مهيني جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڪنهن عربي شاعر ڇا ته خوب چيو آهي:
بَیِّضْ صَحِیْفَتَکَ السَّوْدَاءَ فِیْ رَجَبٍ بِصَالِحِ الْعَمَلِ الْمُنْجِی مِنَ اللَّہَبِ([4])
وضاحت: رَجبُ المُرَجَّب ۾ پنهنجو ڪارو، گناھن سان ڀريل اعمال نامو چمڪايو...!! ڪيئن؟