Book Name:Ibadat Aur Istianat
۾ سچو آهيان يا ڪوڙو، زبان سان ته چئي رهيو آهيان
اِیَّاکَ نَعْبُدُ
(اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا) جيڪڏهن منهنجي دل ۾ ذري برابر به رِياڪاري ٿي ته الله پاڪ فرمائيندو: تون ڪوڙو آهين، اڙي بدنصيب! مسجد ۾ بيهي ڪري، نماز جي حالت ۾، منهنجي سامهون هٿ ٻڌي ڪري مون کان ئي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين، زبان سان ته چوندو آهين: تنهنجي ئي عبادت ڪيان ٿو ۽ دل ۾ ڪنهن ٻئي کي خوش ڪرڻ جي خواهش آهي.[1]
عُجب و تکبُّر اور بچا حُبِّ جاہ سے آئے نہ پاس تک رِیا یاربِّ مصطَفےٰ!
جوں ہی گناہ کرنے لگوں ، تیرے خوف سے فوراً اُٹھوں میں تھرتھرا یاربِّ مصطَفےٰ!
تیری خَشیّت اور ترے ڈر سے، خوف سے ہر دم ہو دِل یہ کانپتا یاربِّ مصطفےٰ![2]
(3): ڪيفيت ۾ ترقي جي ڪوشش ڪيو!
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
اِیَّاکَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴) (سيپارو: 1، سورة فاتحه، آيت: 4)
ترجموڪنزالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
علّامه احمد صاوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن مقام تي اسان کي ڪيفيت ۾ ترقي جو درس ڏنو ويو آهي.[3] يعني دين ۾، ايمان ۾، دل ۾ اڀرڻ واري ايماني ڪيفيت ۾ ماڻهو ڪنهن جڳھ تي بيهي نه رهي بلڪه هڪ کان بعد ٻئي درجي جي طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهي. ڏسو! سورت فاتحه جي ابتداء ۾ الله