Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

آيتِ ڪريمه مان ملڻ وارا عَملي سبقَ

 پيارا اسلامي ڀائرو! سورة فاتحه، آيت: 4 ۾ ارشاد ٿيو:

اِیَّاکَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴) (سيپارو: 1، سورة فاتحه، آيت: 4)

ترجموڪنزالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.

  هن آيتِ ڪريمه مان اسان کي ڇا ڇا سکڻ جي لاءِ مليو؟ اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان هن آيتِ ڪريمه مان سکي ڪري عَملي طور تي پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪري سگهون ٿا:

(1): باجماعت نماز  پڙهو!

   سڀ کان پهريون مدني گُل ته هي مليو ته نماز باجماعت پڙهڻ گهرجي. ڏسو! فاتحه جي تلاوت ڪرڻ وارو هي ناهي چوندو ته مان تنهنجي عبادت ڪندو آهيان بلڪه عرض ڪندو آهي:

اِیَّاکَ نَعْبُدُ

 يعني اسان تنهنجي عبادت ڪندا آهيون. اسان چوڻ ڪڏهن درست ٿيندو؟ جڏهن باجماعت نماز پڙهنداسين، لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو اهتمام ڪندا ڪيون. * فرض نماز مسجد ۾ ادا ڪرڻ واجب آهي.[1] * باجماعت نماز تنها (يعني اڪيلي) پڙهڻ کان 27 درجا افضل آهي* الله پاڪ


 

 



[1] رد المحتار ، کتاب الصلاۃ ،باب الامامۃ ،مطلب:شروط الامامۃ الکبریٰ ،جلد:2،صفحہ:340۔