Book Name:Ibadat Aur Istianat
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) جاري ڪئي آهي. هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي نهايت ئي آسان طريقي سان ٻارن جي تربيت ڪري سگهجي ٿي * هن ايپلي ڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آڊيو جي صورت ۾اکرن جي ادائگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزانو جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ جي دعا * کاڌو کائڻ کان پهريان ۽ بعد جي دُعا * کيرَ پيئڻ جي دعا * سمهڻ وقت جي دعا وغيره اکرن جي ادائگي ۽ ترجمي سان گڏ ۽ مختلف موضوعن تي سنّتون ۽ آداب وغيره شامل آهن. پنهنجي موبائل ۾ هيءَ ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو سکون ٿا:
صحيح ڇا آهي؟
(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: نماز ۾ قرائت ڪرڻ فرض آهي.
وضاحت: * قرائت جي معنٰي آهي: اکرن جي درست ادائيگي سان ايتري آواز ۾ ڪجھ پڙهڻ جو پنهنجا ڪنَ ٻڌي سگهن * جڏهن امام صاحب جي اقتداء ۾ نماز پڙهندا آهيون، ان وقت اسان کي قرائت ناهي ڪرڻي هوندي، باقي جيڪو اڪيلو نماز پڙهي رهيو هجي، ان تي فرض آهي ته قيام ۾ ايتري آواز سان