Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

عبادت ۽ اِسۡتِعانَت جو مطلب

   پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه:

اِیَّاکَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴)    (سيپارو: 1، سورة فاتحه، آيت: 4)

ترجمو ڪنزالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا.

  هي ٻانهن جي زبان تي ڪلام آهي، يعني الله پاڪ اسان ٻانهن کي فرمايو آهي ته اي منهنجا ٻانهؤ! هيئن چئو:

اِیَّاکَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴)

    هن آيتِ ڪريمه ۾ 2 ڳالهيون توجھ سان سمجهڻ جون آهن: (1): عبادت ڇا کي چوندا آهن؟ (2): اِسۡتِعانَت جو ڇا مطلب آهي؟

(1): عبادت جي معنٰي ۽ مفهوم

   عبادت ڇا کي چوندا آهن؟ ان جي باري ۾ عُلماءِ ڪرام ڊگهيون علمي بحثون لکيون آهن، انهن جو خلاصو هي آهي ته هر اهو ڪم جنهن کي الله پاڪ جي رضا جي نيّت سان ڪيو وڃي ۽ شرعي طور ان ۾ رضا جي نيّت ڪرڻ درست به هجي، اهو ڪم عبادت آهي. يعني ڪنهن به ڪم جي عبادت هجڻ جي لاءِ هي ٻئي شرط هجڻ ضروري آهن (1): اهو ڪم ڪرڻ شرعاً درست هجي، شريعت ان ڪم کان منع نه ڪيو هجي، مثال طور چوري حرام آهي، ڪو ٻانهو چوي ته مان غريبن جي مدد ڪري الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ چوري ڪندو آهيان، ته هيءَ نيّت چوريءَ کي جائز نه ٿي بڻائي سگهي بلڪه گناھن جي ڪمن ۾ اهڙي نيّت ڪرڻ نهايت خطرناڪ هوندو آهي ڇوته ڪجھ صورتن ۾ ٻانهو ان کان ڪافر به ٿي ويندو آهي. (2): ٻي شرط: اهو ڪم الله پاڪ جي رضا جي نيّت