Book Name:Ibadat Aur Istianat
اسان جي حق ۾ هي وڏي قابِل فخر آيت آهي. ڪٿي اسان جهڙا مٽيءَ مان ٺهيل عام انسان...!! ۽ ڪٿي ربِّ ڪائنات جي بلند بارگاھ...!! اسان ان بارگاھ ۾ بيهڻ جي لائق ته نه آهيون پر هي الله پاڪ جي ڪرم نوازي آهي جو ان اسان کي پنهنجي عبادت جي صرف اجازت ناهي بخشي بلڪه حڪم به ڏنو آهي. حضرت ذُو النُّون مِصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله جا تمام وڏا ولي ٿي گذريا آهن، هُو جڏهن نماز جي نيّت ڪندا هئا ته عرض ڪندا هئا: مولا! اهي ڪهڙا پير آهن، جنهن سان هلي ڪري تنهنجي بارگاھ ۾ حاضري ڏيان؟ اها ڪهڙي اک آهي جنهن سان قبلي ڏانهن نظر ڪيان؟ اها ڪهڙي زبان آهي جنهن سان تنهنجو ذڪر ڪيان؟ (نه پير ان لائق جو تنهنجي طرف هلي سگهان، نه زبان ان لائق جو تنهنجو ذڪر ڪيان، نه مان خود ان لائق جو تنهنجي حضور بيهي سگهان پر ڇا ڪيان، هن درَ جي حاضري کي ڇڏي به نه ٿو سگهان) تنهنڪري مجبور آهيان، جهڙو آهيان تنهنجي حُضور حاضر ٿيندو آهيان. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي هي وڏو فخر آهي ته اسان الله ربُّ العٰلَمين جي حضور سجدو ڪرڻ جو شرف رکون ٿا. ڪاش! اسان ان جا حقيقي ٻانها بڻجي وڃون، ڪاش! اهڙا ٻانها بڻجي وڃون جو اسان جو مالِڪ اسان کان راضي ٿي وڃي.
اِس نکمّے سے کام لے ایسے یہ نکما ہو کام کا یَارَبّ!
مجھے ایسے عمل کی دے توفیق کہ ہو راضی تری رضا یَارَبّ![2]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد