Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
۾ هڪ ختم ڪندا هئا پر جڏهن رمضان المبارڪ ايندو هو ته سندن شوقِ تلاوت وڌي ويندو هو ۽ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هر 3 ڏينهن ۾ هڪ ختم ڪندا ۽ آخري عشري ۾ ته سندن ذوق اڃا به وڌي ويندو هو ۽ روزانو هڪ ختم ڪندا هئا۔ * امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ 60 قرآن پاڪ پڙهندا هئا۔[1] * ۽ امامِ اعظم، امام ابو حنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ته شان ئي نرالي آهي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ 61 قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا، 30 قرآن پاڪ ڏينهن جي وقت 30 قرآن پاڪ رات جي وقت ۽ هڪ قرآن پاڪ تراويح ۾. [2] ڪاش! اسان کي به توفيق ملي، اسان به قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪيون.
ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش! خدایا اللہ! تلاوت میں مرے دِل کو لگا دے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
تلاوتِ قرآن افضل ترين عبادت آهي
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَفْضَلُ عِبَادَۃِ اُمَّتِیْ قِرَاءَۃُ الْقُرْآنِ قرآنِ ڪريم منهنجي اُمَّت جي افضل ترين عبادت آهي.[3]
دے شوقِ تلاوت، دے ذوقِ عبادت رہوں باوُضُو میں سدا یااِلٰہی!
خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو ته....
حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون کي خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو؛ (هن دُنيا ۾ الله پاڪ جو ديدار خواب ۾ ته ٿئي سگھي ٿو پر هن دُنيا ۾ بيداري جي عالم ۾ اکين سان الله پاڪ جو ديدار ڪرڻ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خصوصيت آهي، ها! آخرت ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هر جنّتي کي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيندو،