Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريندا.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام جي طرف آڻِيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو سکون ٿا:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: روزي ۾ عِطۡر يا خوشبو سونگهڻ سان روزو ناهي ٽٽندو.
وضاحت: عام ماڻهن ۾ مشهور آهي ته روزي ۾ عطر يا خوشبو سونگھڻ سان روزو ٽُٽي پوندو آهي. حالانڪ ايئن ناهي. اصل مسئلو هي آهي: مايع خوشبو يعني لِيڪوِڊ حالت ۾ يا ٺوس خوشبو سونگھڻ سان روزو ناهي ٽُٽندو البته جيڪڏهن ڪنهن اگربتيءَ جو دُونهون مُنهن يا نڪ ذريعي اندر ڇڪيو، جيڪو ضرور حَلْق تائين پهچندو ۽ ايئن ڪنهن به خوشبو دار يا غير خوشبو دار دُونهين کي نڪ يا وات ۾ داخل ڪيو ته روزو ٽُٽي ويندو.
الله پاڪ اسان کي روزي جا مسئلا سکي ڪري انهن تي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد
اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
جيڪو به 41 ڀيرا یَا عَزِیْزُ حاڪم يا آفيسر وغيره وٽ وڃڻ کان پهريان پڙهي، ته اهو حاڪم يا آفيسر مهربان ٿي ويندو.[1] اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم !
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔