Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! سخت گرمي ۽ اها به عرب شريف جي، رمضان جو مهينو ۽ سيده فاطمةالزهراء رَضِیَ اللهُ عَنْہا روزو رکيو آهي. معلوم ٿيو ته رمضان المبارڪ چاهي گرمي ۾ اچي يا سردي ۾، ان جا روزا فرض آهن ۽ ضرور رکڻا آهن.

صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ۽ اسان جي مزاج ۾ هڪ وڏو فرق اهو به آهي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان نيڪي، جنت، آخرت جي ثواب ۽ رضاءِ الٰهي جا حريص هئا پر جيئن جيئن مصطفى جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري حياتيءَ جي زماني کان دوري ٿيندي پئي وڃي، اسان سهولت پسند ٿيندا پيا وڃون. گرميءَ جا روزا به جيتوڻيڪ رکڻ وارا ته رکندا ئي آهن پر عموماً خواهش اهائي هوندي آهي ته ڪاش! رمضان المبارڪ سياري ۾ اچي ها ته آساني رهي ها.

 صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو مزاج ان جي اُبتڙ هو، اهي گرمي جي روزن کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا، مسلمانن جا چوٿان خليفه، مولاءِ ڪائنات، اميرُالمؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مون کي 3 شيون تمام گهڻيون پسند آهن، انهن مان هڪ آهي صِیَامُ الصَّیْف گرمين ۾ روزا رکڻ. [1]

پئے حسین و حَسن، فاطمہ، علی حیدر                                                                                 ہمارے بگڑے ہوئے کام دے بنا یارَبّ!

ہماری بگڑی ہوئی عادتیں نکل جائیں                                                                  ملے گُنَاہوں کے امراض سے شِفَا یارَبّ!

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب                                                                                                        صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

اجتماعي اعتڪاف جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمْدُ للہِ! اجتماعي اعتڪاف رمضان المبارڪ جون برڪتون ماڻڻ ۽ رمضان المبارڪ جي بابرڪت ڏينهن کي نيڪين ۾ گذارڻ


 

 



[1] الریاض النضرۃ ،باب رابع ،جزء :1،صفحہ :52 ۔