Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

جو بهترين ذريعو آهي. اَلحَمْدُ للہِ! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هزارين مسجدن ۾ لکين عاشقانِ رسول سڄو مهينو رمضان ۽ آخري عشري جو اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن.

جيڪي هڪ مڪمل شيڊول جي مطابق ذڪر و اذڪار، فرضَ ۽ نفلَ ۽ ٻين عبادتن سان گڏو گڏ روزانو عصر ۽ تراويح کان بعد 2 مدني مذاڪرن جي ذريعي علمِ دين حاصل ڪندا آهن ۽ سُنتن جي تربيت حاصل ڪندا آهن. پڻ ڪيترائي مُعتڪفين رمضان المبارڪ جي اختتام تي چنڊ رات کان ئي سنتن جي تربيت وارن مدني قافلن جا مسافر بڻجي ويندا آهن، جڏهن ته ڪجهه مختلف مدني ڪورسز ڪرڻ جي سعادت پڻ حاصل ڪندا آهن.

 اعتڪاف جا فضائل

*اللہ پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنم جي وچ ۾ 3 خندقون حائل ڪري ڇڏيندو، جن مان هر خندق جو فاصلو اوڀر ۽ اولهه جي فاصلي کان به وڌيڪ آهي. [1] *هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ ارشاد فرمايو: جنهن رمضان المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪري ڇڏيو ته اهو ايئن آهي جيئن 2 حج ۽ 2 عمره ڪيائين[2].

مدني قاعده (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن

 پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپليڪيشن جي


 

 



[1]۔۔ شُعَبُ الْاِیْمَان، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:3965۔

[2]۔۔ جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔