Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
خير! امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو، پاڻ فرمائن ٿا:) مون عرض ڪيو: اي رَبِّ ڪريم! تو وٽ ڪهڙو عَمَل اَفضَل آهي؟ جنهن جي ذريعي ماڻهو تنهنجو قُرْب حاصِل ڪن ٿا؟ الله پاڪ فرمايو: اي احمد! اهو منهنجو پاڪ ڪلام (قرآنِ مجيد) آهي، مون عرض ڪيو: اي الله پاڪ! هن کي سمجھي پڙهي يا بغير سمجھي؟ فرمايو: سمجھي پڙهي يا بغير سمجھي (ٻنهي صورتن ۾ فضيلت آهي)[1]
اي عاشقانِ رسول! خبر پئي ته؛ * تِلاوت اَفْضَل ترين نيڪي آهي * تِلاوت جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب نصيب ٿئي ٿو * تِلاوت ڪرڻ واري سان الله پاڪ راضي ٿئي ٿو * تِلاوت ڪرڻ وارو الله پاڪ وٽ وڏو مقام حاصِل ڪري وٺي ٿو۔ هي به خبر پئي ته قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ توڙي جو ضروري آهي ته ٻانهو جيڪڏهن قرآنِ ڪريم کي سمجھندو نه ته ان تي عَمَل ڪيئن ڪندو * البت جيڪڏهن انسان بنا سمجھڻ جي به قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري، هي به وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي، هن سان به دِل روشن ٿيندي آهي ۽ الله پاڪ جي محبت ملندي آهي.
قيامت جي ڏينهن تِلاوت ڪرڻ واري تي ڪرم
هڪ روايت ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو ٻانهو ڏينهن ۽ رات ۾ قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪندو آهي، قرآنِ ڪريم جي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام سمجھندو آهي، الله پاڪ ملائڪن کي سندس رفيق (يعني ساٿي) بڻائيندو آهي۔ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، قرآنِ ڪريم ان ٻانهي جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دليلون ڏيندو، قرآن چوندو: اي رَبِّ ڪريم! هر شخص دُنيا ۾ پنهنجي ڪم جي اُجرت وٺندو هو پر فلاڻو شخص، اهو ڏينهن ۽ رات ۾ منهنجي تِلاوت ڪندو هو، منهنجي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام سمجھندو هو، اي ڪريم ربّ! اڄ