Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپاري 2، سوره بقره جي آيت نمبر 185 جو هڪ حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هن آيتِ ڪريمه ۾ رمضان المبارڪ جو هڪ خاص تعارف پيش ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ واري آيتن ۾ حڪم ٿيو هو ته اي ايمان وارؤ! اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن. پوءِ اهو به ٻڌايو ويو ته روزا رکڻ تقوٰي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته فرض روزن لاءِ هڪ مهينو مخصوص آهي ۽ اهو برڪت وارو مهينو، رمضان المبارڪ آهي.
هاڻي ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته مهينا ته 12 آهن،
پوءِ فرض روزن لاءِ رمضان المبارڪ کي ڇو خاص ڪيو ويو؟ ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟
الله پاڪ فرمايو:
اُنْزِلَ فِیْہِ الْقُرْاٰنُ
(پارہ:2، سورۀ بقرہ:185)
ترجموڪنزالعرفان: جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو.
يعني هي اهو برڪت وارو ۽ مقدس مهينو آهي جنهن ۾ قرآنِ ڪريم نازل ڪيو ويو. ڇوته قرآن انسان کي ربّ جي ويجهو ڪرڻ وارو آهي ۽ روزو به الله پاڪ جو قرب ڏياريندو آهي، تنهنڪري روزا به انهيءَ مهيني ۾ رکو ته جيئن ٻيڻي (double) برڪت حاصل ٿئي ۽ الله پاڪ جو وڌ کان وڌ قرب ملي سگهي.
تجھ پہ صَدْقے جاؤں رمضاں! تُو عظیمُ الشَّان ہے
تجھ میں نازِل حق تَعَالیٰ نے کیا قرآن ہے([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي رمضان المبارڪ جي نهايت اهم خاصيت آهي ته هن
مبارڪ مهيني کي هدايت نازل ٿيڻ لاءِ خاص ڪيو ويو آهي.
الله پاڪ انسان جي هدايت ۽ رهنمائي لاءِ، انسان
کي جنت جو رستو ڏيکارڻ لاءِ مختلف دورن ۾
چار وڏا آسماني ڪتاب نازل فرمايا: (1) تَورات (2) زَبُور (3) انجيل (4) ۽ قرآنِ
ڪريم. هي چارئي ڪتاب نازل ڪرڻ لاءِ الله پاڪ جنهن