Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

مهيني جو انتخاب ڪيو، اهو رمضان جو مهينو آهي. مسند امام احمد جي روايت ۾ آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا صحيفا رمضان جي پهرين رات نازل ٿيا. * تورات شريف رمضان المبارڪ جي 7 هين رات نازل ٿيو. * انجيل شريف رمضان المبارڪ جي 14 هين رات نازل ٿيو([1]) ۽ مُصَنّف اِبنِ اَبِي شَيۡبَه جي روايت ۾ آهي: * زبور شريف رمضان المبارڪ جي 6 هين تاريخ تي نازل ٿيو. ([2]) باقي رهيو قرآنِ ڪريم ته الله پاڪ رمضان المبارڪ جو تعارف ئي هنن لفظن سان ڪرايو آهي:

شَہْرُ رَمَضَانَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ فِیْہِ الْقُرْاٰنُ (پاره: 2، سورۀ بقرہ:185)

ترجموڪنزالعرفان: رمضان جو مهينو جنهن ۾ قرآن لٿو.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي :* قرآنِ ڪريم جي نازل ٿيڻ جي شروعات رمضان المبارڪ ۾ ٿي.[3] * پورو قرآنِ ڪريم رمضان المبارڪ جي شبِ قدر ۾ لوحِ محفوظ کان آسمانِ دنيا ڏانهن لاٿو ويو ۽ بيتُ العزّت ۾ رهيو[4].      * هتان کان وقت به وقت الله پاڪ جي حڪمت موجب جيترو جيترو الله پاڪ کي منظور ٿيو حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام آڻيندا رهيا ۽ هي نزول 23 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو.

رمضان، قرآ ن ۽ صاحب قرآن

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ايمان افروز نقطو آهي، ڏسو! الله پاڪ قرآن ڪريم نازل فرمايو، ڪڏهن نازل ٿيو؟ رمضان المبارڪ ۾، ڪنهن تي نازل ٿيو؟ محبوبِ رحمٰن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰ لِهٖ وَسَلَّم تي۔ اهي ٽئي عزت وارا آهن: (1) رمضان، (2) قرآن ۽ (3) صاحبِ قرآن، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم. انهن ٽنهي جي پاڻ ۾ گِهري مناسبت آهي. *اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي جهانن جا هادي (سڀني جا رهبر ۽ راهنما) آهن، قرآن


 

 



[1]... مسندِ اَحْمَد، جلد:7، صفحہ:85، حدیث:17447۔

[2]... مُصَنفْ اِبْنِ اَبِیْ شیبہ، کتاب:فضائل القران، جلد:7، صفحہ:191، حدیث:5۔

[3]... تفسیر کبیر، بقرۃ، تحت الآیۃ: 185، جلد:2،صفحہ:252-253۔

[4]... تفسیرخازن، بقرۃ، تحت الآیۃ:185،جلد:1،صفحہ:121۔