Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
هن کي اجر عطا فرماءِ۔ قرآنِ ڪريم جي عرض تي ان ٻانهي کي شاهي تاج ۽ ڪرامت جو لباس پارايو ويندو۔ پوءِ الله پاڪ قرآنِ ڪريم کي فرمائيندو: ھَلْ رَضِیْتَ؟ (اي قرآن!) ڇا تون راضِي آهين؟ قرآنِ ڪريم چوندو: يا رَبّ! هن کان به اَفضَل اَجر عطا فرماءِ۔ هاڻي ان ٻانهي کي بادشاهت ۽ جنّت عطا ڪئي ويندي۔ پوءِ قرآنِ ڪريم کي چيو ويندو: ھَلْ رَضِیْتَ؟ (اي قرآن!)ڇا هاڻي تون راضي آهين؟ قرآنِ ڪريم چوندو: ها، يا رَبّ (هاڻي مان راضي آهيان).[1]
تلاوت کا جذبہ عطا کر اِلٰہی! معاف فرما میری خطا ہر اِلٰہی!
اللہ پاڪ اسان کي عبادت ۽ رياضت ڪندي، رمضان المبارڪ کي چڱي طرح سان گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! ھن دفعي رمضان المبارڪ ۾ اسان کي وڌ کان وڌ تلاوت ڪرڻ، وڌ کان وڌ ذڪر ۽ درود ڪرڻ، گھڻا نفلَ پڙھڻ، گھڻو صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۽ سڀئي روزا بھتر انداز ۾ رکڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔
خاتونِ جنّت رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو ذڪر خير
پيارا اسلامي ڀائرو! 3 رمضان المبارڪ ”يومِ خاتونِ جنت“ آهي. اسان جي پياري نبي، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ۽ لاڏلي شهزادي، امام حسن ۽ امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْہما جي امڙ سائڻ، حضرت فاطمة الزهراء رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو وصال شريف 3 رمضان المبارڪ 11 هجري تي ٿيو. هن مناسبت سان اچو! سَيّدہ خاتونِ جنت رَضِیَ اللهُ عَنْہا جي روزن سان محبت جو هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا:
عظيم صحابيه حضرت اُمِّ ايمن رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: هڪ دفعي سخت گرميءَ جا ڏينهن هئا، رمضان المبارڪ جو مهينو هو ۽ منجهند جو وقت هو،