Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
ڀيڻ ۽ ڀاءُ ملي ڪري دور ڪن، ماءُ ۽ پٽ بلڪه زال ۽ مڙس به گڏجي قرآن جو دور ڪري سگهن ٿا۔ جيڪڏهن حفظ ناهي ڪيو تڏهن به ڪا ڳالھ ناهي، ٻئي پنهنجي سامهون قرآن ڪريم کولين، هڪ ڏسي ڪري پڙهي ٻيو ڏسي ڪري ٻڌندو وڃي، پوءِ ٻيو ڏسي ڪري پڙهي پهريون ٻڌندو وڃي۔
اهڙي طرح اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآنِ پاڪ پڙهڻ جو به ثواب ملندو ۽ ٻڌڻ جو به۔
ياد رهي! جيڪڏهن قرآن پڙهيو پيو وڃي ته ان کي ٻڌڻ فرض آهي ۽ رمضان المبارڪ ۾ فرض جو ثواب 70 گُنا (درجا) وڌي ويندو آهي۔
جيڪڏهن اسان اداءِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي قرآن جو دور ڪنداسين ته ان فرض جي ادائيگي ٿيندي ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان 70 درجا وڌايل ثواب جا به حقدار ٿي وينداسين.
ہر گھڑی رحمت بھری ہے ہر طرف ہیں برکتیں
ماہ ِ رَمضاں رحمتوں اور برکتوں کی کان ہے
آگیا رَمضاں عبادت پر کمر اب باندھ لو
فیض لے لو جلد یہ دن تیس کا مہمان ہے
رمضان المبارڪ ۾ ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ وارا
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جا بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها به عام ڏينهن ۾ ته قرآن جي تلاوت ڪندا ئي هئا، رمضان المبارڪ ۾ انهن جو شوقِ تلاوت اڃا به وڌي ويندو هو۔ * ڪجهه اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم رمضان المبارڪ ۾ 3 راتين ۾ هڪ ختمِ پاڪ ڪندا هئا۔ * حضرت اَسۡوَد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ هر 2 راتن ۾ هڪ دفعو قرآنِ پاڪ ختم ڪندا هئا۔ * امام نخعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ معمول اهو هوندو هو ته پاڻ رمضان المبارڪ جي ابتدائي 20 ڏينهن ۾ هر 3 ڏينهن ۾ هڪ ختمِ قرآن ڪندا ۽ آخري عشري ۾ هر 2 راتن ۾ هڪ ختمِ پاڪ ڪندا هئا۔ * حضرت قتاده رَضِیَ اللهُ عَنْہُ عام ڏينهن ۾ 7 ڏينهن