Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
نُورِ الٰهي ملڻ جو مهينو
سرڪار غوثِ اعظم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: لفظِ رمضان ۾ 5 حرفَ آهن، (1) پهريون حرف: رَا، جنهن مان مراد آهي: رِضْوَانُ اللہ يعني الله پاڪ جي رضا (2) ٻيو حرف آهي: ميم، جنهن مان مراد آهي: مَحَابَاۃُ اللهِ عَنِ الْعُصَاۃِ يعني الله پاڪ جو گنهگارن تي رحمت ۽ مهرباني فرمائڻ. (3) لفظ رمضان ۾ ٽيون حرف آهي: ضَاد، جنهن مان مراد آهي: ضَمَانُ الله يعني الله پاڪ جي امان. (4) چوٿون لفظ: اَلِف، هن مان مراد آهي: اُلْفَۃُ اللہ (الله پاڪ جي محبت) ۽ (5) پنجون حرف نون، جنهن مان مراد آهي: نُورُ الله (الله پاڪ جو نور). سو معلوم ٿيو ته رمضان المبارڪ الله پاڪ جي رضا ملڻ جو مهينو آهي، رمضان المبارڪ گنهگارن تي رحمت وسڻ جو مهينو آهي، رمضان المبارڪ الله پاڪ جي امان ملڻ جو مهينو آهي ۽ رمضان المبارڪ الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيڻ ۽ نورِ الٰهي حاصل ڪرڻ جو مهينو آهي.[1]
ہر گھڑی رَحْمت بھری ہے ہر طرف ہیں برکتیں ماہِ رَمضاں رَحْمتوں اور برکتوں کی کان ہے
روزہ دارو! جھوم جاؤ کیونکہ دیدارِ خدا خُلْد میں ہو گا تمہیں یہ وعدۂ رحمٰن ہے
الله پاڪ فرمايو:
شَہْرُ رَمَضَانَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ فِیْہِ الْقُرْاٰنُ ھُدًی لِّلنَّاسِ وَ بَیِّنٰتٍ مِّنَ الْہُدٰی وَ الْفُرْقَانِ ۚ فَمَنْ شَہِدَ مِنْکُمُ الشَّہْرَ فَلْیَصُمْہُ ؕ (پارہ:2، سورۀ بقرہ:185)
ترجموڪنزالعرفان: رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي آهي ۽ فيصلي جي روشن ڳالهين (تي مشتمل آهي) پوءِ توهان مان جيڪو اهو مهينو ماڻي ته ضرور ان جا روزا رکي.