Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

هي رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جي هڪ رات هئي، پيارا نبي، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم غارِ حرا ۾ موجود هئا ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام پهرين وحي کڻي حاضر ٿيا.[1] اُن وقت قرآنِ ڪريم جون هي آيتون نازل ٿيون:

اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیْ خَلَقَ ۚ(۱)

(پارہ:30، سورۂ علق:1)

ترجموڪنزالعرفان: پنهنجي رب جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو.

اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ ماههِ رمضان! مبارڪ مهينو رمضان المبارڪ ڪيترو نه برڪتن، عظمتن ۽ فضيلتن وارو مهينو آهي جو ربِّ ڪريم پنهنجي مخلوق جي هدايت لاءِ قرآنِ پاڪ نازل ڪرڻ لاءِ انهيءَ مهيني جو انتخاب فرمايو۔ لوحِ محفوظ کان بيتُ العزت تائين پورو قرآن به انهيءَ مبارڪ مهيني جي شبِ قدر ۾ نازل ٿيو،[2] پوءِ پهرين وحي جي شروعات به انهيءَ مهيني کان ٿي۔

خوب رونق ہے ماہِ غُفراں کی                                                                                                 کیسی برکت ہے ماہِ قُرآں کی

واہ کیا بات ماہِ رمضاں کی                                                                                                                       کیا ہی رمضاں کی شان وشوکت ہے

قرآن ڪريم سان وابستگي وڌائڻ جو مهينو

الله پاڪ فرمايو آهي:

"ŸP"M`_^t>"S**)

(پارہ:2،سورۂ بقرہ:185)

ترجموڪنزالعرفان: رمضان جو مهينو جنهن ۾ قرآن لٿو.

هن آيتِ ڪريمه ۾ رمضان المبارڪ جو تعارف نزولِ قرآن جي ذريعي ڪرايو ويو، هن مان معلوم ٿئي ٿو ته ماھِ رمضان قرآنِ پاڪ سان وابستگي وڌائڻ جو مهينو آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن مهيني ۾ روزا فرض ڪرڻ جي هڪ حڪمت اها به آهي ته روزو رکڻ، بک ۽ اڃ برداشت


 

 



[1]... شرح زرقانی  المواہب الدنیہ، جلد:1، صفحہ:386 تا393ملتقطاً۔

[2]... شرح زرقانی  المواہب الدنیہ، جلد:1، صفحہ:388۔