Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran
پهرين وحي ڪڏهن ۽ ڪيئن نازل ٿي..؟
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان جي مهيني، پياري قرآن ۽ محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان ئي نرالو آهي۔ اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اڃا اعلانِ نبوت نه فرمايو هو، ان کان پهريان به پاڻ رمضان المبارڪ سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا هئا۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي پهرين وحي به رمضان جي مهيني ئي ۾ نازل ٿي۔ روايتن ۾ آهي: جڏهن اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عمر مبارڪ 40 سال ٿي چڪي هئي، ربيع الاول جي مهيني کان وحي جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا، اهي هن طرح جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سچّا خواب ڏيکاريا ويا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو خواب ڏسن پيا، هوبهو اهو ئي چند ڏينهن ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون ٿئي پيو۔ تقريباً 6 مهينا ائين ئي گذريا، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل ۾ اڪيلائي جي محبت وڌي وئي. رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو هو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان کنيو ۽ غارِ حرا ۾ تشريف وٺي ويا. مڪي پاڪ ۾ ان وقت ٻيا به غار موجود هئا پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خاص طور تي غارِ حرا ئي جو انتخاب ڇو فرمايو.
عالمن سڳورن ان جي وڏي پياري حڪمت بيان ڪئي آهي، فرمائن ٿا: ان وقت غارِ حرا مان ڪعبو شريف صاف نظر ايندو هو، ان ڪري پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم غارِ حرا ۾ تشريف فرما ٿيا۔
حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجهه ڏينهن غارِ حرا ۾ قيام فرمايو، هتي الله پاڪ جي ياد ۽ عبادت ۾ مشغول رهيا، پوءِ گهر واپس تشريف وٺي آيا۔ مسلمانن جي پيارِي امڙ سائڻ حضرت خديجه رَضِیَ اللهُ عَنْہا پوءِ کائڻ پيئڻ جو ڪجھ سامان ٻڌي ڪري ڏنو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پوءِ غارِ حرا ۾ تشريف وٺي ويا۔ ڪافي ڏينهن اهو ئي سلسلو رهيو۔