Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

ڪرڻ جي برڪت سان عقل تيز ٿيندو آهي۔ لهٰذا نزولِ قرآن جي مهيني ۾ روزا فرض ڪيا ويا، ته جيئن ماڻهو روزا رکن انهن جي سمجهڻ جي صلاحيت وڌي ۽ ان جي برڪت سان قرآن کي سمجهڻ آسان ٿي وڃي۔[1]

آقا ڪريم جي قرآن سان وابستگي

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته رمضان المبارڪ جو هڪ وڏو مقصد قرآنِ پاڪ سان وابستگي اختيار ڪرڻ، قرآن ڪريم کي پڙهڻ، ان کي سمجهڻ جي خوب ڪوشش ڪرڻ به آهي۔ اَلحَمْدُللہ! اسان جا آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ صاحبِ قرآن آهن، قرآنِ پاڪ سندن ئي تي نازل ٿيو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ته هر گهڙي قرآن جي نور ۾ سمايل هوندي هئي، ان جي باوجود جڏهن رمضان المبارڪ تشريف کڻي ايندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قرآنِ پاڪ سان وابستگي وڌائي ڇڏيندا هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رمضان المبارڪ جي معمولات مان هڪ اهو به آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قرآنِ پاڪ جي ڪثرت سان تلاوت فرمائيندا هئا بلڪه صحابي رسول، حضرت ابنِ عباس رضي الله عنهما فرمائن ٿا: هر سال رمضان المبارڪ جي هر رات حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضر ٿيندا ۽ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سان گڏ قرآن جو دور فرمائيندا هئا۔[2]

 معلوم ٿيو ته رمضان المبارڪ ۾ قرآنِ پاڪ جو دور ڪرڻ، اداءِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي۔ دور جو مطلب آهي: هڪ پڙهي، ٻيو ٻڌي، پوءِ ٻيو پڙهي، پهريون ٻڌي۔ حافظَ سڳورا ته عام طور دور ڪندا آهن، خاص طور تي تراويح ۾ جيڪو سيپارو پڙهڻو هوندو آهي، ان جو دور ڪندا آهن ان سان حفظ پڪو ٿي ويندو آهي۔ ڪاش! اسان به هن اداءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ادا ڪيون، گهر ۾ ٻه ڀائر گڏ ٿي دور ڪن،


 

 



[1]... نظم الدرر ، پارہ:2، سورۂ بقرہ، تحت الآیۃ:185، جلد:1، صفحہ:342-343 ماخوذاً۔

[2]... بخاری ،کتاب بدء الوحی،صفحہ:67 ،حدیث:6۔