Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

مان خاتونِ جنت سيده فاطمة رَضِیَ اللهُ عَنْہا جي گهر ويس، دروازو بند هو ۽ اندران چڪي هلڻ جي آواز اچي رهي هئي.

اڳي زماني ۾ داڻا پيهي ڪري اٽو ٺاهڻ جي لاءِ پٿر جي چڪي هوندي هئي ۽ ان کي هٿ سان هلائبو هو. چڪي هلڻ جي آواز اچڻ جو مطلب اهو هو ته سيده فاطمة رَضِیَ اللهُ عَنْہا گهر ۾ موجود آهن ۽ چڪي هلائي رهيون آهن، پر معاملو ان جي ابتڙ هو. جيئن ته مون دروازي جي سوراخ مان اندر نهاريو ته حيران ٿي ويس ته چڪي پاڻمرادو هلي رهي آهي، ان ۾ اناج پيسجي رهيو هو، گڏ ئي حسنينِ ڪريمين (امام حسن ۽ امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْہما) جھوليءَ ۾ آرام فرما آهن ۽ انهن جو جھولو به پاڻمرادو لڏي رهيو آهي پر سيده فاطمہ رَضِیَ اللهُ عَنْہا چڪيءَ جي ويجهو ئي زمين تي آرام فرمائي رهيون آهن.

حضرت اُمِّ ايمن رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: هي ماجرو ڏسي مان حيران ٿي ويس ته چڪي پاڻمرادو ڪيئن هلي رهي آهي؟ حسنينِ ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْہا جو جھولو پاڻمرادو ڪيئن هلي رهيو آهي؟. مان پنهنجي هن تعجب جو حل معلوم ڪرڻ لاءِ غيبن جي خبر رکندڙ نبي، مڪي مدني مصطفيٰ           صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها ته آرام فرمائي رهيون آهن، پر چڪي به هلي رهي آهي، جھولو به پاڻمرادو هلي رهيو آهي؟ آخر هي معاملو ڇا آهي؟ پياري آقا و موليٰ، محمدِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي اُمِّ ايمن! سخت گرمي آهي، رمضان جو مهينو آهي، فاطمہ رَضِىَ اللهُ عَنْها روزو رکيو آهي، الله پاڪ فاطمه تي ننڊ غالب ڪري ڇڏي ته جيئن ڪجهه دير آرام ڪري وٺن ۽ انهن کي گرميءَ جي شدت محسوس نه ٿئي ۽ الله پاڪ فرشتن کي موڪليو جيڪي چڪي هلائي رهيا آهن ۽ جھولو هلائي رهيا آهن.[1]

وہ خاتونِ جَنّت معصوم حُوریں باندیاں جن کی

مَلَک جَنّت سے آکر پیستے تھے چکیاں جن کی

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب                                                                                                        صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد


 

 



[1]۔۔ سفینہ  نوح ،حصہ دوم ،صفحہ:35 ۔