Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

Book Name:Ramzan Quran Aur Sahib e Quran

هدايت جي ڪتاب آهي ۽ رمضان المبارڪ اهو مهينو آهي جيڪو اسان جي دل مان زنگ دور ڪري ان کي هدايت قبول ڪرڻ جي لائق بڻائيندو آهي. *اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم رَحْمَۃٌ لِّلْعَالَمِیْن آهن، قرآن رحمت جي ڪتاب آهي ۽ رمضان اهو مبارڪ مهينو آهي، جنهن ۾ رب جون رحمتون ڇما ڇم وسنديون آهن *اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سخين جا سردار آهن، جيڪو گهرو سو عطا فرمائيندا آهن بلڪه گهرڻ کان به گهڻو وڌيڪ نوازيندا آهن بلڪه بِنا گهرڻ ئي جي ايترو عطا فرمائيندا آهن جو ڪمي باقي رهندي ئي ناهي، ايئن ئي قرآنِ ڪريم به وڏو سخي آهي جو ان جو هڪ حرف پڙهو! 10 نيڪيون ملنديون آهن۔ اهڙي طرح رمضان المبارڪ به وڏو سخي آهي جو هر نيڪي جو ثواب ڳڻپ ۾ آهي، ڪنهن نيڪي جو ثواب 10 ڀيرا، ڪنهن جو 100 ڀيرا، ڪنهن جو 700 ڀيرا پر رمضان جي عبادت يعني روزو اهو آهي جو ان جو اجر بيحد ۽ بي حساب ملندو آهي۔ *هڪ ٻي وڏي اهم مناسبت اها آهي ته اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شافِعِ محشر آهن، قيامت جي ڏينهن شفاعتِ ڪبريٰ جو منصب سندن ئي کي نصيب ٿيندو۔ روايتن موجب زمين تي جيترا وڻ، جيترا پٿر آهن، قيامت جي ڏينهن اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي ڳڻپ برابر گنهگارن جي شفاعت فرمائي انهن کي جنت ۾ پهچائيندا۔[1] ايئن ئي قرآن ۽ روزو به قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندا۔ حديث پاڪ ۾ آهي :روزو ۽ قرآن قيامت جي ڏينهن ٻانهي جي شفاعت ڪندا۔ روزو عرض ڪندو :اي الله پاڪ! مون ان کي ڏينهن جي وقت کاڌي پيتي کان روڪي رکيو هو، ان جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماءِ، قرآن ڪريم عرض ڪندو: اي الله پاڪ! مون ان کي رات جو سمهڻ کان روڪيو، ان جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماءِ، پوءِ انهن ٻنهي جي ئي شفاعت قبول ڪئي ويندي۔[2]

چھوڑو اے فِرِشتو! وہ آتے ہیں شَفاعت کو                             وہ جس کے بھی حامی ہیں فِی النّار نہیں ہوتا


 

 



[1]... شعب الایمان، باب فی تعظیم القرآن، جلد:2، صفحہ:346، حدیث:1994

[2]... مسند امام احمد، جلد:9، صفحہ:400، حدیث:23589خلاصۃً