Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

ٿا: هڪ ڀيرو هڪ شخص بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: مَتَی السَّاعَۃُ؟ يعني يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت ڪڏهن ايندي؟ (يقيناً اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جو علم رکندا آهن، کين خبر هئي ته قيامت ڪڏهن ايندي، تڏهن ئي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جون نشانيون بيان فرمايون آهن، قيامت ڪهڙي ڏينهن ايندي، اهو به ٻڌايائون، ڪهڙي تاريخ تي ايندي، اهو به ٻڌايائون. ها! صرف سال نه ٻڌايائون، ڇاڪاڻ ته سال ٻڌائڻ جي اجازت نه هئي، تنهنڪري جڏهن صحابئ رسول رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پڇيو ته قيامت ڪڏهن ايندي؟ ته) پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو جواب ڏيڻ بدران دريافت فرمايو: وَمَاذَا اَعْدَدْتَ لَہَا؟ يعني تو قيامت لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟

(صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان يقيناً نمازون به پڙهندا هئا، تلاوت به ڪندا هئا، روزا به رکندا هئا، نيڪين تي نيڪيون به ڪندا هئا، پر صحابئ رسول رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو مبارڪ انداز ڏسو، هنن ڪنهن به نيڪي تي ڀروسو نه ڪيو، بلڪه عاجزي ڪندي) عرض ڪيائون: لَا شَیْءَ يعني يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان ڪا تياري نه ڪري سگهيو آهيان (نمازون ته آهن، نيڪيون ته آهن، پر انهن تي ڀروسو ناهي، الله پاڪ چاهي ته قبول ڪري، نه چاهي ته قبول نه ڪري) اِلّا اَنِّی اُحِبُّ اللہَ وَرَسُوْلَہٗ (البته مون وٽ هڪ دولت آهي ۽ قيامت لاءِ مون وٽ اهو ئي هڪ سهارو آهي ۽ اهو هي ته) مان الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪندو آهيان.

رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ٻڌي فرمايو: اَنْتَ مَعَ مَنْ اَحْبَبْتَ يعني تون جنهن سان محبت ڪندو آهين، قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ هوندين. ([1])


 

 



[1]...بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب مناقب عمر بن الخطاب...الخ،صفحہ:934 ،حدیث:3688۔