Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
دنیا بھر میں فضلِ ربّ سے چرچے ہیں عطا کے
بڑے بڑے گن گاتے ہیں ان کے ستھرے کردار کے
مفتي اعظم هند خليفه علامه مولانا بدر القادري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:
مَسلک کا تو اِمام ہے الیاس قادری تدبیر تیری تام ہے الیاس قادری
سنت کی خوشبوؤں سے زمانہ مَہَک اٹھا فیضان تیرا عام ہے الیاس قادری
ہے بدرِؔ رضوی بھی ترے کردار کا اَسیر اِس کا تجھے سلام ہے الیاس قادری
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! علماء سان محبت ڪرڻ، انهن جي لاءِ عاجزي جو اظهار ڪرڻ، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظرِ رحمت حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ڪتابن ۾ لکيل آهي: سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي پنهنجي دؤر جا تمام وڏا سلطان ۽ عاشق رسول هئا، پاڻ ٽن ڳالهين جي حقيقت ڄاڻڻ جي جستجو ۾ هئا: (1) پهرين ڳالهه اها هئي ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن فرمان: اَلْعُلَمَاءُ وَرَثَةُ الأَنْبِيَاءِ (يعني علماء نبين جا وارث آهن) مان ڪهڙا ماڻهو مراد آهن؟ (2) ٻي ڳالهه اها هئي ته منهنجي والد جو نالو سبڪتگين ئي آهي يا آئون ڪنهن ٻئي جو پٽ آهيان؟ (3) ٽين ڳالهه اها ڄاڻڻ چاهيائون ته مان بخشيو ويندس يا نه؟
هڪ رات سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي لشڪر سان گڏ وڃي رهيا هئا، هڪ خادم شمعدان (يعني روشني جو سامان) کڻي لشڪر جي اڳيان اڳيان هلي رهيو هو.
روشني پکڙيل ڏسي هڪ شخص ڪتاب کڻي پنهنجي گهر کان ٻاهر آيو ۽