Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

يعني جيڪي ماڻهو الله پاڪ جو ڪتاب قرآن ڪريم سيکاريندا آهن ۽ ان جو درس ڏيندا آهن، اهي رباني عالم آهن. سوچيو ته سهي جيڪي الله پاڪ جا خاص ٻانها هجن، جيڪي دين جا وارث هجن، انهن سان محبت ڪرڻ بدران انهن تي تنقيد ڪرڻ، ماڻهن کي انهن کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ انهن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ ڪيڏو وڏو جرم آهي. الله پاڪ اسان کي علماء سان محبت نصيب فرمائي. مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو فرمان آهي: علم حاصل ڪيو، جيڪڏهن توهان ان کان عاجز آهيو ته علم وارن سان محبت ڪيو ۽ جيڪڏهن انهن سان محبت نه ٿا ڪري سگهو ته انهن سان بغض ۽ نفرت به نه رکو. ([1])

مجھ کو اے عطار سُنّی عالموں سے پیار ہے                         ان شاء اللہ دونوں جہاں میں میرا بیڑا پار ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

علماءِ ڪرام کان دعائون ڪرائيندا آهن

امير اهل سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي هڪ وڏي پياري ادا اها به آهي ته پاڻ علماءِ ڪرام جي محبت جي سبب جڏهن انهن جي بارگاهه ۾ حاضري ڏيندا آهن ته انهن کان خصوصاً دعائون ڪرائيندا آهن، پاڻ هڪ مقام تي فرمايائون ته: سوين نه، بلڪه هزارين عالمن جون دعائون مون سان گڏ آهن.

حضرت غزاليءِ زمان علامه سيد احمد سعيد ڪاظمي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن ڏينهن ۾ حيات هئا، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جڏهن به ملتان شريف تشريف فرما ٿيندا هئا ته سندن بارگاهه ۾ ضرور حاضري ڀريندا هئا ۽ انهن کان خوب دعائون وٺندا هئا.

اي عاشقان رسول! امير اهل سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه 


 

 



[1]... طبقات کبریٰ، ذکر من جمع القرآن۔۔۔الخ، ج۲، ص۲۷۳۔